اسٽوپا

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

اسٽوپا- جو اصل نالو -پالي- ٻوليءَ ۾ thupa آھي. سنسڪرت ۾ اھو لفظ stup آھي يعني ’جمع ڪرڻ يا گڏ ڪرڻ‛. -ان- کي چين ۾ پگوڊا چوندا آھن. -اسٽوپا- لاءِ تبتي ٻوليءَ ۾ لفظ آھي، Chorten جنھن جي معني آھي، ’ڀيٽا جو بنياد‛. ٻُڌ کان اڳ واري زماني ۾ جڏھن ڪو سنت لاڏاڻو ڪندو ھو ته -ان- جي مڙھه/ سماڌيءَ مٿان مٽيءَ جي دڙي نما قبر ٺاھي ويندي هئي ۽ -ان- کي -جوڳ- ڌيان يا -تيرٿ- اسٿان طور اھميت ڏني ويندي هئي. اڳتي ھلي اھي قبري دڙا پڪ سِرا يا پٿريلا ٺھڻ لڳا ته جيئن اھي جٽادار ھجن. شروع ۾ اھي ھندستاني بادشاھن لاءِ ٺھندا ھئا. انھن دڙن جي صورت گنبذي ھئي جيڪا ٻُڌڪي -اسٽوپا- جي ابتدائي صورت بڻي. اھا بيضوي يا گنبذي شڪل، -جوڳ- ۾ ويٺل -ان- سنت جي علامتي شبيھه آھي، جنھن کي (رواج موجب) ويٺل حالت ۾ دفنايو ٿي ويو. سماڌيءَ جي اھا صورت ھاڻي -اسٽوپا- جي شڪل ۾ ٻُڌ جي جسم جي نمائنده آھي، ڄڻ ته ٻُڌ -جوڳ- ۾ ويٺو آھي. ھي دڙو به -ان- بنيادي ۽ آڳاٽي خيال موجب آھي ته اھي قبرن جهڙا دڙا يا مورتيون -آتما- (روح) جي رھائش گاھه بنجن ٿا يا انھن ۾ -آتما- جو واسو رھي ٿو. -ان- ريت آتمائن جون اھي رھائش گاھون ايندڙ نسلن لاءِ عظيم آقائن جي يادگار جو روپ وٺن ٿيون ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ ھمت، نرواڻ،جدوجھد ۽ ابدي سڪون جو درس ھلندو رھي. ڪنھن عظيم اڳواڻ جي لاڏاڻي سان ھن جي جسم جي ٻي ته ڪا به اھميت ڪانه ٿي رھي، البت اھا -ان- حقيقت جي يادگار ضرور آھي ته ھڪ عظيم مَن يا ذھن، -ان- ۾ رھندو ھو. -ان- سبب ڪري ئي -اسٽوپا- ٻُڌ جي مَن جي علامت بڻجي ٿو. پوءِ، اھي وڏي پئماني تي تيار ٿيندا ويا. انڪري، ڪوبه -اسٽوپا- بنيادي طرح ڪنھن سورمي يا مذھبي اڳواڻ جي پُوڄا جو آستان نه آھي (جيئن ٻُڌ ڌرم وارا پاڻ به چون ٿا). ٻُڌ ساکيه مُني پنھنجن پوئلڳن کي ھدايت ڪئي ھئي ته سندس خاڪ يادگار طور رکي وڃي يا -اسٽوپا- ۾ رکي وڃي، جيئن ھندستان ۾ اڳ ئي رواج ھو. گوتم ٻُڌ کان پوءِ، -اسٽوپا- نه رڳو تعميراتي لحاظ کان بلڪ روحاني طرح به اھميت وٺي ويو. جڏھن گوتم ٻُڌ لاڏاڻو ڪيو، تڏھن سوال اُٿيو ته ھن جي باقيات جو وارث ڪير ٿيندو ۽ ڪير اھا عظيم يادگار تيار ڪرائيندو؟ جيئن ته -ان- سوال جو فيصلو ڪوبه ڪري نه ٿي سگھيو، انڪري سندس خاڪ اَٺن بادشاھتن ۾ ورھائي وئي. اصول طئه ٿيو ته ھر -اسٽوپا- ۾ ٻُڌ جي خاڪ ڪنھن مقدس دٻليءَ ۾ رکيل ھئڻ گھرجي. (موھن جي دڙي واري -اسٽوپا- مان به اھڙي دٻلي ملي ھئي). جيئن ته اَٺن بادشاھتن ۾ ھر ھنڌ مقامي انداز جا -اسٽوپا- ٺھيا، ۽ اھو ممڪن ئي ڪونه ھو ته انھن جي اڏاوتي بيھڪ ساڳي رھي، انڪري ھي اَٺ ئي نمونا ٻُڌ جي زندگيءَ جي اَٺن اھم واقعن جون علامتون سمجهيا وڃن ٿا. اھي علامتون ھي آھن: 1-جنم، 2 -شعور، 3- ڌرم ڦيٿي جي گردش. 4 –ڪائناتي سچ جو ظھور يا ٻُڌ (سجاڳيءَ) جي منزل، 5-معجزا، 6- ويلوءَ بَن وٽ جماعت ۾ ڦوٽ مھل سڀاءُ، 7- وئشالي وٽ پنھنجي زندگيءَ جا ڏينھن پنھنجي مرضيءَ سان وڌائڻ، ۽ 8 -ڪاشي نگر وٽ سندس ديھانت. اسٽوپائن جا اھي -اٺ- ئي نمونا شعور ڏانھن وٺي ويندڙ اٺن اصولن واري رستي جون علامتون آھن. اھي اصول آھن: 1- صحيح رُخ (درشٽي)، 2- صحيح سوچ (سنڪلپ)، 3 - صحيح گفتار (واچا)، 4- صحيح ھلت يا چال، 5- صحيح عمل، 6- صحيح آجيوڪا يا ساوڌاني، 7 - صحيح سعي يا جتن، ۽ 8- صحيح ڌيان يا سماڌي. اڪثر -اسٽوپا- اُبتي پيالي نما ھوندا آھن ۽ انھن جي مٿان ھڪ ٺُلھه ڏسبو آھي. -ان- اڏاوتي ڪامپليڪس کي چار ڪمرا (torana) سواستيڪا جي ٻانھن وانگر ھوندا آھن. -اسٽوپا- اڏاوتي طرح به علامتي آھن. انھن جون پنج جاميٽيريائي (مهندسي) شڪليون آھن، -جن- ۾ پنجن عنصرن جي نمائندگي ٿئي ٿي: 1- چورس ٿلھو ڌرتيِءَ جو علامتي بنياد آھي. 2- گنبذ يا بيضو (anda) پاڻيءَ جي علامت آھي. 3- ھرميڪا (harmica) پٿريلي ڪٽھڙي جي شڪل ۾ باھه جي علامت آھي. 4- (ڇَٽ جو) ٺلھه ھوا جي علامت آھي ۽ 5- ڇَٽ خال يا ’ڪجھه به نه‛ جي علامت آھي. بھرحال، ڪنھن -اسٽوپا- ۾ پنجن کان وڌيڪ حصا ھوندا آھن. بنياد کي چار ڏاڪا آھن. -اسٽوپا- کي گيٽ، ڪٽھڙو، ۽ -اسٽوپا- جي چوڌاري طواف لاءِ گردشي رستو به -ان- عمارت جا حصا سمجھيا ويندا آھن. -اسٽوپا- جو طواف ڪلاڪ وار (clockwise)ٿئي ٿو، يعني طواف -ان- ريت ڪيو ويندو آھي، جو -اسٽوپا- جون مقدس شيون ۽ تبرڪات ھميشه طواف ڪندڙ جي ساڄي پاسي ھجن. پھرئين ڏاڪي کان ھوريان ھوريان مٿي وڃڻ جو ھر مرحلو ٻُڌڪين رسمن ۾ علامتي آھي. جيئن ته بنيادي ٿلھو چوڪنڊو ٿئي ٿو، انڪري پھرئين مرحلي ۾ اھو چئن بنيادي رخن جي سامھون آھي ۽ اھو ساوڌاني يا خبرداريءَ جي علامت بڻجي ٿو. اھي 1- جسم جي ساوڌاني، 2- محسوسات جي ساوڌاني، 3- مَن جي ساوڌاني ۽ 4- مظھرن جي ساوڌاني آھن. بنياد جو ٻيو مرحلو ھنن چئن طبعي ڪوششن تي ٻَڌل آھي: 1-موجود بديءَ کي تباھه ڪرڻ، 2- اڄ تائين ظاھر نه ٿيل بديءَ کي روڪڻ، 3- اھا چڱائي، جيڪا اڃا ظاھر نه ٿي آھي، -ان- کي پيدا ڪرڻ، ۽ 4- موجود چڱائيءَ کي ھمٿائڻ ۽ پوکڻ. ٽيون مرحلو چئن نفسي شڪتين (cattari satiptthani) جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪي باشعور فرد وٽ موجود سمجھيون ويندون آھن: ا- عمل جي خواھش، 2 -سگھه، 3-سوچ، 4-تحقيق. اسٽوپا جي بنياد ۾ چوٿين ڏاڪي مٿان پنج پھلو آھن: 1- ايمان، 2- سَگھه، 3-خبرداري، 4-ڌيان، ۽ 5-دليل. گول گنبذي اڏاوت (بيضي) جو گھيري دار بنياد به انھن سگھن جي نمائندگي ڪري ٿو. چوٿون مرحلو شايد مجھول پاسي جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ گنبذ جو بنياد انھن سَگھن جي سرگرم رخ جي نمائندگي ڪري ٿو. ھن خيال جي ٿُوڻي -ان- حقيقت تي بيٺل آھي ته پُراڻن اسٽوپائن ۾ فقط ٽي مرحلا، حصا يا ڏاڪا آھن،۽ فقط پوئين دور جي اسٽوپائن ۾ گول گنبذ جو گھيري دار بنياد چوٿين مرحلي کي پنجين سطح کان الڳ ڪري ٿو. گنبذ (اَنڊو يا بيضو) شعور جي ستن عنصرن جي نمائندگي ڪري ٿو: 1-ساوڌاني، 2- سچ جو ادراڪ، 3- سَگھه، 4- ڇوٽڪاري ڏانھن رھنمائي، 5- منزل جي خبر، 6 - ڌيان، ۽ 7- ڌيرج يا سُڪون. آني (اَنڊي) جي چوٽ تي ’ھرميڪا‛ ھڪ ڀيرو وري شعور ڏانھن وٺي ويندڙ اَٺن مرحلن واري علامت آھي. ھي ھرميڪا (ڇَٽ جو ٺُلھه يا زندگيءَ جي وڻ جو -ٿڙ-)ڏھه پاسائين ڄاڻ جي علامت آھي: 1- اصولن جي ڄاڻ،2- ٻين فردن جي سوچ جي ڄاڻ، 3-نسبتن ۽ واسطن جي ڄاڻ، 4- مشاھداتي ڄاڻ،5- ڀوڳنائن جي ڄاڻ، 6-ڀوڳنائن جي سببن جي ڄاڻ، 7- ڀوڳنائن کي ناس ڪندڙ رستن جي ڄاڻ. 8- ڀوڳنائن جي پُڄاڻيءَ جي ڄاڻ، 9- وِناس سان ڳنڍيل شين جي ڄاڻ ۽ 10- شين جي غير پيداواريت جي ڄاڻ. اسٽوپا جو سڀ کان مٿيون حصو يا زندگيءَ جو وڻ ٻُڌ جي تيرھن پراسرار طاقتن جي علامت آھي. Tanjur جي مطابق انھن مان ڪي طاقتون ھي آھن: 1-تبليغ لاءِ مناسب ماڳن جي ڄاڻ، 2- مختلف قسم جي ڪرم (Karama) جي راس ٿيڻ جي ڄاڻ، 3- اعليٰ منزلن جي سڀني جوڳن/ مراقبن جي مرحلن جي ڄاڻ. 4- سڀني اعليٰ ۽ خسيس پھلوئن جي ڄاڻ. 5- ٻين وجودن جي خصلتن جي ڄاڻ، 6- وجود جي مختلف صورتن جي ڄاڻ، 7- گھربل پُڄاڻيءَ ڏانھن وٺي ويندڙ رستن جي ڄاڻ، 8- ماضيءَ جي وجودن جي يادگيري ۽ ڄاڻ، 9- بَديءَ جي قوتن جي تباھي، 10 - ٻُڌن جي شعور جا ٽي بنياد. اسٽوپا جي چوڌاري طواف جي گردشي رستي تائين ھڪ يا وڌيڪ ڏاڪڻيون (اسٽوپا جي ماپ حساب سان) ’ويدڪا‛ تائين وٺي وينديون آھن، اھا دنيا ۽ مقدس وجود جي وچ جي حد آھي. -ان- ھنڌ تي قرباني به ڪندا آھن. زندگيءَ جو ڦيٿو : خود -اسٽوپا- جي عمودي گولائيءَ ۾ ڦيٿي جي چڪر جھڙو ھڪ ٻيو فلسفو سمايل آھي. -اوڀر- -پاسو- -جنم- جي پرڀات آھي، چوٽِي عروج آھي، اولھه حياتيءَ جي شام آھي ۽ -ان- ڦيٿي جو ھيٺيون -پاسو- زوال يا پُڄاڻي آھي ... ۽ پوءِ ٻيھر -جنم- جي پرڀات، عروج، زوال ۽ پڄاڻيءَ جا ڪرم چڪر موجب -جنم- چڪر! ٻُڌ ڌرم ۾ حياتيءَ جي چڪر جي الڳ -تشريح- آھي. اھو -جنم- ۽ موت جي چڪر جو فلسفو آھي. -ان- فلسفي جي سمجھاڻيءَ لاءِ -ان- چڪر جا تصويري خاڪا وِھارن ۽ ڪميونٽي مرڪزن وغيره ۾ ديوارن تي چنبڙايا وڃن ٿا. -ان- -تصوير- ۾ ڦيٿي جي ٻاھرئين گولائين ڪناري تي عام طور ٻارنھن -تصويرون- ٺھيل ھونديون آھن، -جن- ۾ جُوڻ در جوُڻ جو سلسلو سمجھايو وڃي ٿو. انھن تصويرن جي ترتيب ڪجھه ھن ريت ھوندي آھي: -انڌو ماڻھو بنيادي طور اڻڄاڻائيءَ جي علامت طور، 2- ڪُنڀر، ڪَرم جو بنياد رکندڙ سرگرميءَ طور، 3-ٽپندڙ ڪڏندڙ -ڀولڙو- شعور طور، 4- ٻيڙيءَ ۾ ٻه ماڻھو ’نالي‛ ۽ ’صورت‛ طور، 5 ڇھن درين ۽ دروازن جو گھر، 6-جنسي پيار ’تعلق‛ طور، 7- اک ۾ تِير ’احساس‛ طور، 8- -پاڻي- پيئڻ اُڃ يا خواھش طور، 9-ميوا پڪڙيل -ڀولڙو- بطور گرفت، 10-گرڀ وتي عورت وجود وٺڻ، 11- -ٻار- جو -جنم- بطور پيدائش، ۽ 12-لاش ڍوئيندڙ ماڻھو بطور -جنم- کان پوءِ موت. -ان- کان پوءِ ڏيکاريل گولڙا يا ٽُٻڪا زندگي ۽ موت جي تسلسل ۽ جُوڻين جون علامتون آھن. -ان- ڦيٿي جو مٿيون حصو ديوتائن، اَسرن ۽ انسانن جي درجي جي نمائندگي ڪري ٿو. ھيٺيان حصا جانورن، بکايل ڀُوتن لاءِ ۽ بنھه ھيٺيون حصو دوزخ يا پاتال آھي. اھو -جنم- ۽ ڪَرم چڪر آھي ... ۽ ھر ڪو پنھنجي ڪَرم (عمل) موجب پنھنجي لاءِ خاص -جنم- جو مستحق ٿئي ٿو. سنڌ ۾ اسٽوپا: اوائلي ٻُڌ آرٽ ۾ ٻُڌ کي ڪڏھن به انساني صورت نه ڏني وئي. پر -اسٽوپا- يا ڌرم چڪر ٻُڌ جي علامت ھو (انڪري شايد ايئن سمجھڻ مناسب ٿيندو ته،-جتي- جتي ٻُڌ جي شبيھه موجود نه آھي ۽ محض ٻُڌڪيون علامتون ملن ٿيون، اھو اوائلي ٻُڌ آرٽ آھي ۽ گھڻو ڪري مھايان فرقي سان تعلق رکي ٿو. سنڌ ۾ اسان کي فقط ڪاھوءَ جي دڙي تي ئي ٻُڌ جون وڌ ۾ وڌ مورتيون نظر آيون آھن، باقي ٻئي ڪنھن به -اسٽوپا- يا -ان- جي ’ھرميڪا ‛ ٺُلھه تي اھڙي فن جو مظاھرو نه ٿو ملي. اهو يقيني نه ٿو چئي سگهجي ته سمورن اسٽوپائن ۾ ٻُـڌ جي رَک يا جسماني تبرڪ رکيل آھي، البت پوِءِ وارن ڏينھن ۾ ايئن ٿيندو رھيو ته -ٻڌ- سان منسوب شيون رکي اتي -اسٽوپا- طرز جون اڏاوتون ٺھنديون رھيون يا وري ايئن به ٿيو ته -جتي- جتي ٻوڌي مھا سنتن رھائش اختيار ڪئي يا وِھار قائم ڪيا، اتي پڻ ھن مذھبي علامت کي اڏاوتي صورت ڏني وئي. سنڌ ۾ لڀندڙ قديم اسٽوپائن ۾ عام طور ’ھرميڪا‛ (ٺُلھه) ۽ ’ويدڪا‛ (ان جي چوڌاري طواف جو رستو)صاف ۽ پڌرا آھن. ايئن نئنگ ۽ ڪيھرجِي وارن -پٿر- جي اسٽوپائن ۾ ته ظاھر آھي، پر غور سان ڏسجي ته -اتر- سنڌ جي ميداني علائقي ۾ ڊرٻ چانڊيو، گاجي کھاوڙ (تعلقي وارھه)، ڌامراھه، لکي غلام شاھه (تعلقي ڳڙھي ياسين)، ماڙي ٺُل، ٽُوپ دڙو (تعلقي ميرو خان)، ٺُلھي (تعلقي لاڙڪاڻي)، -بگو دڙو- (تعلقي شھداد ڪوٽ) وغيره جي بيھڪ به اھڙي ئي آھي، -جن- جا ھرميڪا (ٺُلھه) ظاھر ظھور بيٺاآھن ۽ پري کان ڏسبا آھن. انھن کان سواءِ دولت پور لڳ ’مير رڪڻ جو ٺُلھه‛ ته شاندار مثال آھي. جُهڪر،باڊھه لڳ ڪانڌڙا / ڌامراھه دڙي وغيرھ تي به اسٽوپائن جي موجودگيءَ جو گمان ڪري سگھجي ٿو پر ھن وقت اتي ’ھرميڪا‛ باقي نٿا ڏسجن، ڇاڪاڻ ته اڪثر دڙن کي ماڻھن خزاني جي لالچ ۾ کوٽي تباھه ڪري ڇڏيو آھي.

نيپال جي شھر کٽمنڊو ۾ ٻُڌ اسٽوپائن جي ٺُلھن تي ھن ريت گوتم ٻُڌ جون -اکيون- چِٽيل ھونديو آھن، -جن- مان جوڳ، ڌيان، گيان، ڌيرج ۽ ڪائناتي شعور جو اظھار ٿئي ٿو.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B3%D9%BD%D9%88%D9%BE%D8%A7