اسور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چون ٿا ته هن ساز جو نالو يهودين جي لفظ Eser بمعني ڏهه -تان- ورتل آهي. موسيقي جي هن تاريخي ڪٽنب جي ساز ۾ ڏهه تارون ٿينديون هيون. چيو وڃي ٿو ته هن ساز جو ذڪر بائيبل ۾ به ڪيل آهي. پر ماهر -ان- ڳالهه تي متفق ڪو نه آهن. پهرين ۾ Asor سان گڏ Kinnor ۽ Nebel به لکيل آهن، ٻئي ۾ Nebel ۽ Asor سان هر ڀيري Nebel لفظ استعمال ٿيا آهن. ڏسجي ٿو ته Asor سان هر ڀيري Nebel گڏ اچي ٿو. -ان- ڪري خيال ڪيو ٿو وڃي ته نيبل نالي ٻيو ڪو ڏهن تارن وارو ساز هو. لفظ Kinnor جي آوازي صورت سنڌ جي مشهور (ڀٽائي جي رسالي جي سر سورٺ ۾ بيان ڪيل لفظ ڪينرو بطور ساز“، ’ڪينر‘ يا ’ڪينري‘ جهڙي آهي. ممڪن آهي ته انهيءَ ساز جي بائيبل ۾ سازن جي حوالي استعمال ٿيل لفظ Kinnor سان ڪو لاڳاپو هجي.[1]

حوالا[سنواريو]