اسم اعظم ڪبريا از ملفوظات الاوليا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب ڄام نبي بخش فردوسيءَ جو لکيل آهي، جنهن کي مرحوم سيد غلام حيدر شاهه ڪوثريءَ مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جي ابتدائي صفحن تي ليکڪ ۽ مرتب جون -تصويرون- ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب اسلامي عقيدن جي بجا آوريءَ ۽ ٻين مذهبي عقيدن جي ڇنڊ ڇاڻ جي موضوع تي مبني آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ اسلامي مذهبي عقيدن ۽ ٻين مذهبن جي عقيدن جي ڀيٽ ۾ عقلي دليلن کان ڪم ورتو آهي. ڪتاب ۾ مذهبي حڪمن، پيغمبرن، ولين جي تذڪرن سميت قرآن پاڪ جي آيتن جا ترجما ۽ شاهه سائينءَ جا -بيت- به عنوانن جي نسبت سان ڪتب آندا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ مشهور ڪتاب ”غنيته الطابسين“ ۽ -ان- جي مصنف شيخ عبدالقادر بغداديءَ سميت عباسي خليفن تي مفصل باب موجود آهي. -ان- کانسواءِ اسلامي حڪمن، نماز وغيره لاءِ به علمي بحث ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ليکڪ جو تعلق -اهل- تشيع جي مڪتبه فڪر سان آهي. هن ڪتاب ۾ حضرت محمد صلي -الله- عليه وسلم، حضرت عليعه، حضرت امام حسن عه، حضرت امام حسين عه، حضرت بيبي فــاطمته الزهريٰعه، -امام- زيــن العابدينعه، -امام- جعفرعه، -امام- موسيٰ ڪاظمعه، -امام- علي رضاعه، -امام- محمد تقيعه، -امام- علي نقيعه، -امام- حسن عسڪريعه بابت مختلف واقعن جي نسبت سان مختصر ۽ جامع مواد به آهي. ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب ۾ 246 صفحا آهن، هيءُ ڪتاب محمد عثمان ڏيپلائي، قرآن پريس نزد زناني اسپتال مان ڄام نبي بخش فردوسيءَ جي خرچ سان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪــتــاب جــي قــيــمــت 4 روپيا ڄاڻايل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]