اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسماعيلي فرقي جي تنظيم آهي، جنهن جي طرفان -امام- الزمان جا ارشاد سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ماهوار ”فرمان بليٽن“ جي عنوان سان شايع ٿيندا آهن ۽ ڪيترائي مذهبي ڪتاب پڻ ڇپايا ويا آهن. هن اداري طرفان -اسماعيلي- عقيدي جي اٺيتاليهين امام، سر سلطان محمد شاهه -آغا خان- ٽئين جي ”خود نوشتہ سوانح عمري“ ۽ ”تاريخ امامت“ مکيه ڪتاب شايع ڪيل آهن. اهڙا ڏهاڪو کن ڪتاب هن اداري ڇپايا آهن. هن اداري جي فرضن ۾ اهو به شامل آهي ته -اسماعيلي- ٻارن لاءِ سانجهيءَ واري وقت، مذهبي -تعليم- لاءِ، ڪلاسن هلائڻ جو بندوبست ۽ مذهبي -تعليم- جي سلسلي ۾ پوري ملڪ ۾ انتظام ڪري، واعظين ۽ مذهبي -تعليم- جي استادن جي سکيا جو ڪم به ڪري. هاڻي هن تنظيم کي ’اسماعيلي طريقه بورڊ‘ جو نالو ڏنو ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]