اسلم علوي
محمد اسلم ولد عبدالڪريم علويءَ جو شمار شڪارپور جي مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. انگريزن جي دور ۾ -جن- باشعور انسانن سنڌ جي -تعليم-، -ثقافت- ۽ علم و ادب کي -ترقي- وٺرائڻ ۾ قابل قدر ڪوششون ڪيون، انهن جفاڪش انسانن ۾ محمد اسلم علويءَ جو نالو به هميشه غير فاني رهندو. محمد اسلم علويءَ جي زندگيءَ جي سربرستي احوال لاءِ تذڪرا ۽ تاريخون خاموش آهن. جيڪڏهن ڪٿي ڪو ذڪر ملي به ٿو ته اهو زباني روايتن تحت قلمبند ٿيل آهي. اهڙي طرح سندس وفات جو سال 1909ع چيو وڃي ٿو. محترم ڊاڪٽر -انور- فگار هڪڙي ميونسپل شڪارپور جي رڪارڊ ۾ سندس -جنم- ۽ وفات جي سالن ۽ تاريخن جي -تلاش- ڪندي سال 1904 جي فوتي رجسٽر ۾ سندس وفات جي -تاريخ- 3 -جنوري- 1904ع ملي آهي، -ان- رجسٽر ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته وفات وقت سندس عمر 48 ورهيه هئي. -ان- حساب سان سندس -جنم- جو سال 1856ع بيهي ٿو. محمد اسلم علوي -استاد- پيشي سان وابسته رهيو. شڪارپور تعلقي جي ڪيترن اسڪولن ۾ فرائض سرانجام ڏنائين، بعد ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيو. سن 1878ع ۾ بيچانجي جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر هو. سن 1890ع کان 1900ع تائين ڳڙهي ياسين جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو. ملازمت کان علاوه طب سان گهري لڳاءَ سبب شڪارپور جي مشهور قابل حڪيمن مان ليکيو ويندو هو. ميان محمد اسلم علوي طب تي به ڪجهه ڪتاب لکيا، -جن- مان پهريون ”تحفة العاشقين“جون 1893ع ۾ شڪارپور جي مشهور ڪتب فروش ”پوڪرداس ٿانور داس“ لاهور جي مفيد عام پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب 115 صفحن تي مشتمل ۽ ڊيمي سائيز ۾ شايع ٿيل آهي، جنهن جو سن 1904ع ۾ ٻيو ڇاپو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. سيپٽمبر 1893ع ۾ اسلم علويءَ جو ٻيو ڪتاب ’مخزن الادويات‘پوڪرداس پاران اسلاميه پريس لاهور مان ڇپائي پڌرو ڪيو، هي ڪتاب 314 صفحن تي مشتمل آهي. سندس -ٽيون ڪتاب- ’قرابادين علوي‘ساڳئي سال ۾ ساڳئي اداري پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. محمد اسلم علوي، جهڙو هوشيار حڪيم ۽ -استاد- هو، تهڙو ئي ڄاڻو ۽ وڏو شاعر به هو. هن جو شمار پنهنجي دور ۾ سنڌ جي ناميارن عروضي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪلام -ان- وقت ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ هفتيوار -اخبار- ’سنڌ سڌار‘ ۾ ڇپبو هو.[1]