اسلم آزاد (سماجي ڪارڪن)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سماجي، سياسي ورڪر، ليکڪ ۽ ڊاڪٽر اسلم آزاد 30 آگسٽ 1965ع تي جاتيءَ ۾ جنم ورتو. جاتيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪري، سجاول جي ڪاليج مان انٽر ڪيائين. جنھن کان پوءِ ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻوڪي يونيورسٽيءَ) مان حاصل ڪري، اتي ئي هائوس جاب ڪرڻ لڳو. ادبي دنيا ۾ هن 1981ع کان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان آغاز ڪيو. سنگت ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. کيس ادب کان سواءِ حالات حاضره سان گهڻي دلچسپي رهي ۽ صحافت ۾ بہ اڳڀرو رهيو مختلف تنظيمن ۾ رهيو. شخصيتن کان انٽرويو ورتائين، ڪالم لکيائين. هن ڄامشوري مان پندرهن روزه اخبار ”آواز“ بہ جاري ڪئي هئي، جنھن جو پاڻ چيف ايڊيٽر هو، 1991ع ۾ هائوس جاب دوران هڪ فلاحي اداري جي مدد سان ڪنھن ڳوٺ ۾ طبي ڪئمپ لڳائڻ جي سلسلي ۾ ساٿين سان گڏ ويو، واپسيءَ ۾ تڙ خواجا کان سجاول ڏانھن ايندي ٽرئفڪ حادثي ۾ سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي، جنھن جو علاج هن ملڪ جي وڏين اسپتالن مان ڪرايو. پر پوريءَ طرح ٺيڪ ٿي نہ سگهيو آهي ۽ اڄ تائين وڏيءَ همت سان ان تڪليف سان منھن ڏيندو پيو اچي. مطالعي جو ذوق رکندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد هن وقت سجاول ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتان جي سماجي، ادبي توڙي سياسي پروگرامن ۾ پاڻ کي وِيل چيئر تي بہ کڻائي شرڪت ڪندو رهي ٿو. کيس ڏسي انسان جي عظمت ۾ پڪو يقين ٿي وڃي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]