اسلامي اڪابر (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب محمد منير چني جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي. هن ۾ صفحا 68 آهن ۽ قيمت 12 -آنا- ڄاڻايل آهي. آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس پهريون ڇاپو، اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1955ع ۾ ڇپايو. هيءُ ڪتاب ستن ڀاڱن ۾ ڇپيو آهي، پر جيڪي دستياب آهن، -تن- جو تفصيل ڏجي ٿو: اسلامي اڪابر1 (ڪتاب): ڀاڱو ٻيو ڪرائون سائيز ۾ ڪچي جلد سان آهي، جنهن ۾ 111 صفحا آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو آهي. اُن جو ٽيون ڇاپو مسلم ادبي پريس، حيدرآباد مان 1955ع ۾ شايع ٿيو. اسلامي اڪابر 2 (ڪتاب): ڀاڱو چوٿون، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 96 صفحا شامل آهن ۽ قيمت سوا رپيو آهي. ڪتاب جو ڇاپو پهريون، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد مان سال 1955ع ۾ ڇپيو. اسلامي اڪابر3 (ڪتاب): ڀاڱو پنجون، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي ۽ صفحا 100 اٿس. قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، مسلم ادبي پريس حيدرآباد مان 1955ع ۾ ڇپيو. اسلامي اڪابر4 (ڪتاب): ڀاڱون ڇهون، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ صفحا 132 آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد مان سال 1955ع ۾ ڇپيو. اسلامي اڪابر5 (ڪتاب): ڀاڱو ستون، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 188 صفحا آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو اٿس. ڇاپو پهريون، مسلم ادبي سوسائٽي پريس، حيدرآباد مان سال 1955ع ۾ شايع ٿيو. اسلامي اڪابر6 (ڪتاب): هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، پوڪرداس ائنڊ سنز، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان 1935ع ۾ شايع ڪيو.[1]

هن موضوع تي ٻيو ڪتاب عبدالله هارون جو لکيل آهي. هن ڊيمي سائيز ڪتاب ۾ صفحا 24 آهن ۽ قيمت 2 -آنا- ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، مولوي محمد صادق، ڪرائون پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد مان 1923ع ۾ ڇپايو.[2]

هن موضوع تي ٻيا ٻه جدا جدا ڪتاب شايع ٿيا، -جن- مان هڪڙو ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ صفحا 46 آهن ۽ قيمت اڍائي -آنا- ڄاڻايل آهي. ڇاپو ٽيون، شيخ عبدالعزيز، وڪٽوريه پريس، سکر مان سال 1916ع ۾ ڇپايو.[3]

ٻيو ڪتاب حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو لکيل آهي. ڪچي جلد سان 75 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت ساڍا چار -آنا- آهي. راڌا ڪرشنا برادرس، ڪراچيءَ وارن جو ڇپايل آهي.[4]

حوالا[سنواريو]