اسراج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

تاري خاندان جو هي ساز ٻه صديون کن اڳ ننڍي کنڊ ۾ متعارف ٿيو. بظاهر هي ساز سارنگي ۽ ستار جو سنگم نظر ايندو آهي. هن جي طبلي سارنگيءَ وانگر ۽ ڏندي ستار وانگر هوندي آهي. هي دلربا کان آڪار ۾ هلڪو ٿيندو آهي. پر وڄائڻ ۾ دلربا وانگر هوندو آهي. -اسراج- سنگت توڙي علحدو وڄائڻ ۾ اچي ٿو. هن جون تارون هيٺان کان ڳٽين ۾ ويڙهيل ۽ سڌيون مٿي طبلي وٽ کتل ٿين، تارون تعداد ۾ 14 آهن. ۽ ايترائي پردا به ٿين. هن کي سازيني م گهٽ وڄايو ويندو آهي. هي ساز گز سان وڄائبو آهي. منجهس ٻه سبتڪ (مڌر ۽ -تار- آسٿان) ٿيندا آهن، جيڪي طربن وسيلي ملايا ويندا آهن. پهريون پردو تيور مڌم، ٻيو پردو پنچم، ٽيون پردو ڪومل ڌيوت، چوٿون پردو ڌيوت، پنجون پردو ڪومل نکاد، ڇهون پردو شڌ نکاد، ستون پردو کرج (سا)، اٺون شڌ رکب، نائون ڪومل گنڌار، ڏهون شڌ گنڌار، يارهون شڌ مڌم، ٻارهون تيور شڌ، تيرهون پنچم، چوڏهون ڪومل ڌيوت، پندرهون شڌ ڌيوت، سورهون شڌ نکاد، سترهون -تار- سبتڪ، ارڙهون -تار- سبتڪ جو رکب اوڻيهون -تار- سبتڪ جو گنڌار. هن ۾ گز چئن تارن تي ڦرندو آهي. وڄائڻ مهل ساز جو کوکو گوڏي تي ۽ -ان- جي ڳچي گهڻو ڪري کاٻي ڪلهي تي رکي ويندي آهي. هن وقت هي ساز ورلي وڄائڻ ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته نون سازن جي آسان وڄت ۽ گهڻي وسعت جي ڪري پراڻا ساز گهٽ وڄائڻ ۾ اچن ٿا. وڄڻ لاءِ هڪ هٿ سان گز تارن تي ڦيرائبو آهي ته ٻئي هٿ جي آنڱرين سان تارن کي ڇيڙي مطلوب سر حاصل ڪبو آهي. برصغير ۾ -اوڀر- ۽ وچ وارن علائقن ۾ خصوصا بنگلاديش ۾ وڌيڪ وڄايو وڃي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]