اسد قريشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار -اسد قريشي- ولد الاهي بخش قريشي، پهرين مئي 1955ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. انٽر تائين -تعليم- شڪارپور مان حاصل ڪيائين. 1976ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ گريجوئيشن ڪيائين. شوبز ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز 1968ع ڌاري سنڌي فلمن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪيو، -ان- وچ ۾ -تعليم- به حاصل ڪندو رهيو. 1972ع کان پوءِ ڪيترائي سال فلم ڊائريڪشن جو باقاعدي ڪم ڪيائين. مشهور اداڪارن عبداللطيف ’ساقي‘ ۽ شهباز درانيءَ جي اتساهه ڏيارڻ تي هُو اداڪاريءَ طرف آيو. 1985ع ۾ پهرين فلم ”حيدر خان“ ۾ اداڪاري ڪيائين، پوءِ ”نادر گوهر“، ”جيئي لطيف“، ”شهيد“ وغيره ۾ بهترين اداڪاري کيس وڏي شهرت ڏني. اسد قريشي پي. ٽي. وي -تان- به ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، -جن- ۾ ”ڌٻڻ“، ”ماروي“، ”-بدنصيب ٿري-“، ”سونيتي“، ”-باک-“، ”آڙاهه“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما شامل آهن. هن محمد بخش سميجي، سلطانه صديقي ۽ سميع -بلوچ- جي ڊائريڪشن ۽ پيشڪش هيٺ پي. ٽي. وي تي ڪم ڪيو. هن اسٽيج ۽ ريڊيو تي به پرفارم ڪيو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جڏهن سنڌي سيٽلائيٽ چينلن کي پذيرائي ملي ته -اسد قريشي- سنڌي ٽيلي فلم ٺاهڻ جو آغاز ڪيو، کيس سنڌي شوبز جي دنيا ۾ ”باباءِ ٽيلي فلم“ به چون ٿا. ٽيلي فلم ”درياهه -پار-“ جو ليکڪ ، هدايتڪار ۽ هيرو پاڻ هو. -ان- جي زبردست پـذيرائي بعد هن ”سنڌو ڪناري“، ”هوشو“، ”سنڌو -بادشاهه-“، ”-الله- -بادشاهه-“، ”غلام مصطفيٰ“ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٽيلي فلمون ٺاهي شهرت حاصل ڪئي. مختلف چينلن تي سندس مشهور ڊراما سيريل ”-پٿر- دنيا“، ”حوا“، ”ڳاڙهي“. ”زنجيرون“، گنگهار“، ”پياسي ڌرتي“ ۽ ”وارث“ وغيره شامل آهن. -اسد- قريشيءَ جي شادي 1991ع ۾ پنهنجي مائٽن ۾ ٿي، کيس -ٽن- ٻارن، فاطمه بتول، علي عباس ۽ زينب بتول جو اولاد آهي ۽ هينئر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]