اسدالله کھڙوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مخدوم اسدالله ولد مخدوم احمد کهڙوي سنڌ جي وڏن عالمن، فاضلن ۽ صوفين مان ٿي گذريو آهي. مخدوم اسدالله 870ھ مطابق 1465ع ۾ ڄائو. شريعت جي حوالي سان سندس نالو هر هنڌ مشهور هو ۽ بزرگيءَ جي هاڪ بہ جتي ڪٿي هئس. همايون بادشاھ جڏهن سنڌ ۾ آيو تہ سندس ملاقات مخدوم اسدالله سان ٿي ۽ کانئس دعا گهرايائين تہ کيس دهليءَ جو تخت واپس ملي. جڏهن همايون 963ھ/1555ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ جلال الدين محمد اڪبر چوڏهن ورهين جي عمر ۾ بادشاھ ٿيو تہ هن شريعت جي پابنديءَ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ڪن هندن، بادشاھ ڏانهن ڪوڙا خط موڪليا تہ اسدالله ماڻهن کي گمراھ ڪري رهيو آهي. مخدوم اسدالله کي خبر پئي تہ هن بہ يڪدم جلال الدين ڏانهن خط اماڻيو، جنهن ۾ پنهنجون شرعي خدمتون بيان ڪيائين. ان کان پوءِ مخدوم اسدالله کهڙن جي لڳ پپريءَ جي شهر ۾ مسجد اڏائي، اچي رهيو ۽ سن 966ھ ۾ اتي ئي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. اسدالله کهڙوي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.