اسحاق فقير ڪارو مڱڻھار
اسحاق فقير ”ڪارو“ (پيدائش: 1932ع - وفات: 16 جون 2009ع) سنڌ جو هڪ نامور لوڪ ڳائڻو هو، جنهن جو تعلق سنڌ جي لاڙ واري پٽ سان هو. کيس غزل کي سنڌي رنگ ۾ ڳائڻ ۽ پنهنجون ڌنون پاڻ ترتيب ڏيڻ ۾ مهارت حاصل هئي.[1]
ننڍپڻ ۽ تعليم
[سنواريو]اسحاق فقير 1932ع ۾ ضلعو بدين جي ڳوٺ ”ماچوري“ ۾ ڄائو. هن ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ ڏانهن لاڙو رکيو ۽ صرف 10 سالن جي عمر ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. هن راڳ جي باقاعده سکيا سيد سليمان شاهه جي وڏي ڀاءُ، سيد قاسم علي شاهه کان ورتي.[1]
فني سفر
[سنواريو]شروعاتي دور ۾ هن مختلف ٽولين سان گڏجي شادين، مرادين ۽ مقامي ميلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. اهو اهو دور هو جڏهن لائوڊ اسپيڪر عام نه هئا، پر اسحاق فقير جي صاف ۽ جاندار آواز کيس عوام ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو.[1]
ريڊيو تي آمد
[سنواريو]کيس 1978ع ڌاري نامور شاعر مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيءَ ريڊيو پاڪستان تي متعارف ڪرايو. ريڊيو تي سندس پهريون ڪلام پڻ مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيءَ جو ئي هو، جنهن جا ٻول هئا[1]:
”تو نه لوئيءَ کي لڄايو، راڄ راڻي مارئي، سنڌ کي آ ناز توتي، سنڌياڻي مارئي“
اهو ڪلام سڄي سنڌ ۾ بيحد مقبول ٿيو ۽ کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو.
فني خاصيتون
[سنواريو]اسحاق فقير لاڙ جي انهن چند ڳائڻن مان هو جن جو پنهنجو هڪ الڳ اسلوب هو. هن ڪڏهن به ٻين فنڪارن جي نقل نه ڪئي، پر هميشه پنهنجون ڌنون پاڻ ڪمپوز ڪندو هو. غزل کي سنڌي لوڪ رنگ ۾ پيش ڪرڻ سندس وڏي خوبي هئي. سنڌ جا وڏا پارکو، جهڙوڪ سائين جي. ايم. سيد ۽ ڪريم بخش خان نظاماڻي سندس فن جا قدردان هئا. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ پڻ سندس ذڪر ڪيو آهي.[1]
آخري ڏينهن ۽ وفات
[سنواريو]اسحاق فقير پنهنجي زندگيءَ جو آخري وڏو عرصو تعلقي ڊگهڙي جي ڳوٺ چيئو ڪلوئيءَ ۾ گذاريو. پيريءَ ۽ مسلسل بيماريءَ سبب هن آخري سالن ۾ ڳائڻ ڇڏي ڏنو هو. غربت ۽ اعليٰ اختيارين جي عدم توجھي سبب کيس مناسب علاج جي سهولت ملي نه سگهي. نيٺ 16 جون 2009ع تي انتهائي غربت واري حالت ۾ پنهنجي ڳوٺ چيئو ڪلوئيءَ ۾ وفات ڪيائين.[1]
حوالا
[سنواريو]خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from April 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- 1932ع جون پيدائشون
- 2009ع جون وفاتون
- سنڌي ڳائڻا
- سنڌي موسيقي
- بدين ضلعو جون شخصيتون