سيد سليمان شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سيد سليمان شاهه کان چوريل)


تصوير
پيدائش 20 جولائي 1933ع تي ضلعي ٺٽي جي شهر جاتيءَ ۾ پيدا ٿيو.
لاڏاڻو 18 آگسٽ 1996ع
سيد سليمان شاهه هنن سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو
ايتڪا
عمر ماروي
شهرو فيروز
چانڊوڪي
نوري ڄام تماچي
حاضر سائين
پرديسي

سيد سليمان شاھ جولاءِ 1933ع تي ضلعي ٺٽي جي شهر جاتيءَ ۾ سيد عبدالله جي گهر ۾ جنم ورتو. هن راڳ ۽ رقص جي سکيا استاد بچو شيخ کان حاصل ڪئي. هن پنهنجي انوکي رقص ۽ ڳائڻ جي انداز سبب تمام گهڻي مشهوري ماڻي. هو صوفياڻن ڪلامن تي نچندي نه رڳو پاڻ وجد ۾ هليو ويندو هو بلڪي محفل ۾ ويٺلن تي به وجد تاري ڪري ڇڏيندو هو. پيرن ۾ پاتل گهنگهرو ڇمڪائيندي، هٿن جي جلترنگ ادائن سان سانگ، سينگهار، رساما ۽ جذبات انگيز اکين جي تانگھ ڀريل ادائن ۽ اشارن سان جڏهن ”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون“ ڳائيندو هو ۽ ان سان گڏوگڏ جڏهن سندس جسم جو انگ انگ نچندو هو ته محفل ۾ ويٺل هر فرد جي دل کڙيل گل جيان ٽڙي پوندي هئي ۽ ٽي وي تي کيس ڏسندڙ آرس ڀريل دليون ڦٿڪي اُٿنديون هيون. هن جو رقص به رڳو رقص ته نه هو ڄڻڪ جسم جي شاعري هئي، جنهن سان هو هر ڪنهن کي موهي ڇڏڻ کان وڌيڪ اصل ۾ ڪُوهي ڇڏيندو هو. هو صوفياڻن ڪلامن تي رقص به ڄڻڪ دل ديس جي پرستش وانگر ڪندو هو. سيد سليمان شاهه هڪ سٺي راڳيءَ سان گڏوگڏ هڪ سٺو اداڪار پڻ هو.

هن سنڌي فلمن ايتڪا، عمر ماروي، شهرو فيروز، چانڊوڪي، نوري ڄام تماچي، حاضر سائين ۽ پرديسي جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو بلڪي انهن ۾ پنهنجا ڪلام پڻ ڳايا. هن سنڌيءَ ۾ دل توکي ڏئي، درد پرايو، اسان ڪون عشق مريندا ، ول ول قتل ڪريندا جهڙن مشهور گانن سان گڏوگڏ اردو، پنجابي ۽ گجراتي ٻولين ۾ به ڳائي ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون آنديون. سيد سليمان شاهه برطانيا، روس، ترڪي ۽ ٻين ملڪن به پنهنجي فن پيش ڪري وڏو داد ماڻيو. 18 آگسٽ 1996ع تي هي سنڌ سونهن جهڙو صوفي منش فنڪار پنهنجي هزارين چاهيندڙن کي سوڳوار بڻائي اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي هليو ويو.[1][2][3]

سيد سليمان شاھ جي مشهور ڪلامن جا نالا
سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون
دل توکي ڏئي، درد پرايو
اسان ڪون عشق مريندا ، ول ول قتل ڪريندا

حوالا[سنواريو]