استاد وريلداس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد وريلداس- ولد گرنومل تلريجا 10 نومبر 1943ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ايم. اي اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. هو هڪ سٺو ڪلاسيڪل راڳي هو. هن ڪلاسيڪل راڳ جي -تعليم- -استاد- -الله- بخش شيخ ۽ -استاد- هادي بخش ميمڻ کان حاصل ڪئي هئي ۽ -استاد- هدايت -الله- قمر کان پڻ ڪلاسڪ جا ڏهه -تان- سکيو هو. -استاد وريلداس- ڪيترن ئي شاگردن کي ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا ڏني، -جن- ۾ ڪي ڪي -ڀٽي-، شمن ميرالي، بابر مغل گرمکداس ۽ سلمان وغيره شامل آهن. هن هڪ ادارو ’وريل سنگيت ڪلا‘ قائم ڪيو هو، جنهن ۾ ڪـلاســــڪ راڳ جي سکيا ڏيندو هو. -استاد وريلداس- پنهنجي فن جي مڃتا طور ڪجهه اوارڊ پڻ حاصل ڪيا هئا. سنڌ جو هيءُ نرالو فنڪار 29 -جولاءِ- 2005ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس آخري رسمون شڪارپور ۾ ادا ڪيون ويون.[1]

حوالا[سنواريو]