استاد انور علي سانگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور فنڪار -استاد- -انور- علي ولد -اسد- -الله- سانگي پهرين -جنوري- 1949ع تي ڳوٺ سانگي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. پرائمري -تعليم- منڱواڻي پرائمري اسڪول سانگي تعلقي ميهڙ مان حاصل ڪيائين ۽ اڳتي پڙهي نه سگهيو. هن موسيقي سکڻ جي ابتدا 1970ع ۾ ڪئي، سندس پهريون -استاد- ميهر علي خان هو ۽ پوءِ -استاد منظور علي خان- کان سکيا ورتائين. سندس ڪيترائي آڊيو البم منظر عام تي اچي چڪا آهن. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي رسالي جي ٽيهن ئي سرن کي اصل راڳن ۽ راڳڻين ۾ ڪمپوز ڪيو آهي. سندس سڃاڻپ موسيقار ۽ گلوڪار واري آهي. -استاد- -انور- علي سنڌي، -اردو-، سرائڪي، فارسي ۽ هندي ٻولين ۾ ڳائي چڪو آهي. هن جو ”سارنگ سنگيت“ ڪلب لاڙڪاڻي ۽ ”آرٽ ڪائونسل آف -پاڪستان-“ لاڙڪاڻي سان واسطو آهي. -استاد- -انور- علي ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد تي 1975ع ڌاري پرفارم ڪيو. 1996ع ۾ ريڊيو -پاڪستان- لاڙڪاڻي -تان- موسيقيءَ جي سکيا ۽ سنڌي موسيقيءَ جي -تاريخ- جي حوالي سان هفتيوار پروگرام ”سنگيت جو سفر“ ۾ ڪم ڪيائين. -ان- کانسواءِ ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج تي ڪيترن پروگرامن ۾ پرفارم ڪندو رهيو آهي. خاص طور سنڌ، -بلوچستان- ۽ پنجاب جي اهم درگاهن: شاهه عبداللطيف، قلندر لال شهباز، سچل سرمست، خواجا فريد الدين، علامه هدايت علي نجفي، حافظ خدا بخش، بيخود فقير، شاهه نصير، مهدي شاهه ۽ ٻين تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي. هن موسيقيءَ جي دنيا ۾ ڪيترا شاگرد پيدا ڪيا آهن. -جن- ۾ عاشق نظاماڻي، اسلم تنيو، ممتاز عباسي، نذير سمون، لياقت سمون، شيراز عباسي، -الياس- سانگي، سلطان ميمڻ، منظور عباسي شامل آهن، -جن- مان ڪيترن کي سازن جي تربيت به ڏنائين. -انور- علي سانگي'>-استاد -انور- علي سانگي- هن فن جي خدمت عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪيا آهن، -جن- ۾: 1982ع ۾ ايگريڪلچرل انڊسٽريل فيسٽول سنڌ طرفان ”مئرٽ سرٽيفڪيٽ“، 1987ع ۾ سنڌ انٽيفڪ سوسائٽي لاڙڪاڻي طرفان ”-تاريخ- سنڌ“ اوارڊ، 1993ع سنڌ ٽئلينٽ آرگنائيزيشن لاڙڪاڻي پاران ”ٽئلينٽ اوارڊ“ 2002ع ۾ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي طرفان ”لائيف اچيومينٽ اوارڊ“، 2011ع ۾ لاڙڪاڻي ميگا فيسٽيول دوران ضلعي حڪومت لاڙڪاڻي طرفان ”بهترين صوفي ايوارڊ“، 1992ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي طرفان ”ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ“ وغيره شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]