اساسي نظريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اساسي نظريو يا ڪلئسيڪل اپروچ (انگريزي ٻولي: Classical Approach) بين الاقوامي معاملن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جو هڪ ورتاءُ، نمونو يا طريقو آهي، جنهن ۾لاڳاپيل حالتن ۾ عالمي مامرن جو بيان ۽ تجزيو ڪرڻ سان گڏ، بين الاقوامي تنظيمن ۽ رياستن لاءِ انهن وسيلن ۽ رستن جي چٽائي ڪرڻ آهي، جن سان کين عالمي مامرن کي سمجهڻ ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي. هن طريقي جون پاڙون سائنسي ڇنڊ ڇاڻ بدران فيلسوفي، بين الاقوامي قانون ، تاريخ ، سفارتڪاريءَ جي علم ۽ اداراتي سوچ ۾ کُتل هونديون آهن، جنهن ڪري ڪيل تجزين کي نه رڳو درست ثابت ڪرڻ ڏُکيو هوندو آهي، پر ذاتي ادراڪ ۽ اندازن تي بيٺل هئڻ ڪري انهن جو تُزُ هجڻ به ممڪن نه هوندو آهي. هي علمي ورتاءُ روايتي، ڪيفيتي ۽ ذاتي ڪاٿي تي ٻڌل هئڻ ڪري، عام طور عالم جي مرتبي، سندس راءِِ بابت عام مڃتا ،سندس طرفان ٿيل تحقيق جي ڪَٿَ ، بيان ۽ بحث جي انداز ۾ چٽائيءَ يا دل ڇُهندڙ فيلسوفياڻي دليل بازيءَ جي ذريعي پڌرو ٿيندو آهي. ’سائنسي طريقي‘ جي اچڻ کان اڳ بين الاقومي معاملن بابت هيءَ تجزياتي روش، وڏن وڏن عالمن تي حاوي رهي ۽ ان ٻن اهم فڪري روين ’خيال پسندي‘ ۽ ’حقيقت پسنديءَ‘ ذريعي عالمي لاڳاپن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. جديد دور ۾ ان کي تاريخي ،فيلسوفياڻي، قانوني ۽ اداراتي ورتائن ذريعي بيان ڪري سگهجي ٿو. اهو رويو ماضيءَ يا ڪنهن مخصوص دور تي ٻڌل ادارن (جهڙوڪ رياست، حڪومت ۽ سياسي پارٽيون وغيره) جو جائزو وٺي، نئين دور کي پراڻي پس-منظر ۾ ڏسڻ تي زور ڏئي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آن لائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد