مواد ڏانھن هلو

ارنيسٽو زيديلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ارنيسٽو سيديلو
Ernesto Zedillo
54th ميڪسيڪو جو صدر
عهدي ۾
1 ڊسمبر 1994 (1994-12-01)  30 نومبر 2000 (2000-11-30)
کان اڳڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري
کان پوءِونسيٽ فاڪس
سيڪريٽري تعليم عام
عهدي ۾
7 جنوري 1992  29 نومبر 1993
صدرڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري
کان اڳمئنوئيل بارٽليٽ
کان پوءِفرننڊو سولانا
پروگرامنگ ۽ بجيٽ وارو سيڪريٽري
عهدي ۾
1 ڊسمبر 1988  7 جنوري 1992
صدرڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري
کان اڳپيڊرو ايسپي
کان پوءِروھيليو گاسڪا
ذاتي تفصيل
ڄائوارنيسٽو سيديلو پونسي ديليئن
(1951-12-27) 27 December 1951 (age 74)
ميڪسيڪو سٽي, ميڪسيڪو
سياسي پارٽيانسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي
زال/مڙسنلدا پيٽريشيا ويلئسڪو (ش. 1974)
ٻار5
ماءُ پيءُروڊولفو سيديلو ڪاسٽيلو
مارٿا عليشيا پونسي ديليئن
رهائشنيو ھيون, ڪونيڪٽيڪٽ, يونائيٽيڊ اسٽيٽس
الما ميٽرنيشنل پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ
ييل يونيورسٽي
دستخط

ارنيسٽو سيديلو : (انگريزي: Ernesto Zedillo ) تاريخ 27 ڊسمبر 1951 ۾ پيدا ٿيو. ميڪسيڪو جو معاشيات جو ماھر ۽ سياستدان آھي. پھرين ڊسمبر 1994ع کان 30 نومبر 2000ع تائين ميڪسيڪو جو صدر رھيو. سندس تعلق انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي سان ھيو. صدرات دوران پھرين مھيني ۾ ئي ميڪسيڪو جي ڪرنسي (پيسو) جي تاريخ جو وڏو بحران پيدا ٿيو جنھن کي ھن منھن ڏنو [1][2] ھن ان بحران جو ذميدار پنھنجي پيشرو ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري جي پاليسين کي قرار ڏنو[1][3]. ھن سندس ڀاءُ رائول سئلينس ڊي گورٽاري کي گرفتار ڪرايو[4].سندس حڪومت ۾ زاپاتيستا فوج ۽ پاپولر انقلابي فوج سان حڪومتي فوج کي چڪرين جو ٻيھر آغاز ٿيو[5] ۽ ھن تڪراريفوباپارا فنڊ ذريعي ميڪسيڪو جي بينڪاري نظام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي[6].

خاندان ۽ ابتدائي زندگي

[سنواريو]

ميڪسيڪو سٽي ۾ پيدا ٿيندڙ ارنيسٽو سيديلو ھڪ ميڪينڪ روڊولفو سيديلو ڪاسٽيلو جو پٽ ھيو ۽ سندس ماء جو نالو مارٿا عليشيا پونسي ديليئن ھئي. ھن جي بھتر تعليم لاءِ خاندان ميڪسيڪو جي رياست باجا ڪيليفورنيا جي شھر ۽ گادي جي هنڌ ميڪسيڪئلي منتقل ٿيو جتي کيس ابتدائي تعليم ملي 1965 م جڏھن 14 سالن جو ٿيو تہ ميڪسيڪو سٽي موٽي آيو جتي نيشنل پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ داخل ٿيو ۽ ساڳي وقت تعليمي خرچن کي منھن ڏيڻ لاءِ نيشنل آرمي اينڊ نيوي بئنڪ ۾ ملازمت پڻ ڪيائين. 1972ع ۾ معاشيات ۾ گريجوئيشن کانپوءِ ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيائين. شاگردي واري دؤر م ھن سان گڏ پڙھندڙ نلدا پيٽريشيا ويلئسڪو سان ويجهڙائپ ٿيس جنهن سان ھن شادي ڪئي ۽ ان مان کيس پنج ٻار ٿيا [7]ھن 1974ع ۾ ييل يونيورسٽي مان ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪئي. پي ايڇ ڊي ۾ ھن جي مقالي جو عنوان: "ميڪسيڪو جي پبلڪ واري ٻاھرين قرض ۽ تيل جي تازي تاريخ ۽ مستقبل جي واڌ" ھيو.

سياسي زندگي

[سنواريو]

1987 ۾ ھي بجيٽ ۽ منصوبابندي واري سيڪريٽريٽ ۾ منصوبابندي ۽ بجيٽ جي ضابطي وارو ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1988 ۾ 36 سالن جي عمر ۾ سيڪريٽريٽ جو سربراھ ٿيو ۽ ھن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جا سڌارا پڻ پيش ڪيا. 1992 ۾ ملڪ جي صدر ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري کيس تعليم عام جو سيڪريٽري مقرر ڪيو[8]. سال گذرڻ بعد ھن نوڪري تان استعيفا ڏئي سياست ۾ شامل ٿيو. انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي جي صدارتي چونڊ لاء اميدوار ڊونالڊو ڪولوسيو جي چونڊ مھم ھلائي.ھن ميڪسيڪو جي مرڪزي بينڪ بينڪ آف ميڪسيڪو لاء انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي جي رڪن طور ڪم ڪيو جنھن م ملڪ جي بھتري لاءِ ھن ميڪرو ايڪانامڪ پاليسين جي حمايت ڪئي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق 27 ڊسمبر 1951ع ۾ ميڪسيڪو سٽي ۾ پيدا ٿيندڙ ارنيسٽو ھڪ مزدور خاندان ۾ پليو ۽ 1971ع ۾ ميڪسيڪو ۾ اقتدار ۾ رھندڙ پارٽي جو رڪن ٿيو[9]. ييل يونيورسٽي مان معاشيات ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري بجيٽ ۽ منصوبابندي واري وزارت ۾ سيڪريٽري طور ڪم ڪندي ھن ميڪسيڪو جي ٻاھرين ڀاري قرضن تي ضابطي، ناڻي جي ڦھلاء کي گھٽائڻ ۽ متوازي بجيٽ ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو[9]. انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي جي صدارتي اميدوار لوئيس ڊونالڊو ڪولوسيو جي قتل بعد ھي ان پارٽي جو اميدوار ٿي صدر چونڊجي آيو. ھن غربت جي خاتمي لاء سڌارا آندا، ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ۽ چونڊ نظام کي جمھوري بڻائڻ واري ڪم کي اڳتي وڌايو. ھن 1994ع ۾ جيڪا پيسو جي قدر م ڪمي آندي ان سان ھڪ بحران جنم ورتو جنھن کي منھن ڏيڻ لاء آمريڪي امداد جو سھارو ورتو[9].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "The peso crisis, ten years on: Tequila slammer". The Economist. 2004-12-29. 2014-07-08 تي حاصل ڪيل.
  2. "The Tequila crisis in 1994". Rabobank. 2013-09-19. اصل نسخو مان 2015-04-10 تي محفوظ ڪيل. 2014-07-27 تي حاصل ڪيل.
  3. "Salinas vs. Zedillo" (Spanish ۾). La Jornada. 2018-03-09 تي حاصل ڪيل.{{cite news}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  4. Salinas' Brother Charged in Mexican Assassination New York Times March 1, 1995
  5. "Wayback Machine" (PDF). 17 October 2013. اصل نسخو (PDF) مان 17 October 2013 تي محفوظ ڪيل. 27 January 2018 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Cite uses generic title (مدد)
  6. Solís, L. (comp.) (1999). Fobaproa y las recientes reformas financieras. México: Instituto de Investigación Económica y Social "Lucas Alamán", A.C
  7. "Archived copy". اصل نسخو مان 3 اپريل 2012 تي محفوظ ڪيل. 1 جنوري 2012 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو)
  8. Gilbert, Dennis. “Rewriting History: Salinas, Zedillo and the 1992 Textbook Controversy.” Mexican Studies/Estudios Mexicanos, vol. 13, no. 2, 1997, pp. 271–297. JSTOR, www.jstor.org/stable/1052017 accessed 23 March 2019
  9. 1 2 3 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2103 -