ارم محبوب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره، محبوب شيخ ۽ برک ڪهاڻيڪار خاتون ماهتاب محبوب جي نياڻي آهي. هن 16 مارچ 1975ع تي حيدرآباد ۾ -جنم- ورتو. -ارم محبوب- مئٽرڪ تائين -تعليم- سينٽ ميريز ڪانوينٽ گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ورتي، گورنمينٽ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ گورنمينٽ (زبيده) گرلس ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ مان ايم. اي ڪيائين. ارم محبوب، ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي نثر ۽ شاعري لکڻ شروع ڪئي. روزاني هلال -پاڪستان- ڪراچيءَ جي ٻارڙن جي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ سندس ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ لطيفا ڇپيا. سندس -انگريزي- شاعري، ننڍيءَ عمر ۾ ئي “Children’s Dawn” ۽ “Teenager” رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. 1990ع ۾ ’ٽين ايجر‘ رسالي جي نمائندي طور ڪم ڪيائين ۽ 1995ع کان لڳاتار ڪجهه سال -ان- جي فيچر -ايڊيٽر- رهي. -ارم محبوب- جي نثري نظمن جو مجموعو ’منهنجي ڌرتي‘ 1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ارم جي 1993ع ۾ نوجوان شاعر حسن درس سان شادي ٿي. هن 1997ع کان صحافت ۾ به حصو ورتو. -ان- ڏس ۾ ”ٽين ايجر“ رسالي ۾ هن سنڌ جي وڏن اديبن شيخ اياز، علي احمد بروهيءَ، -آغا- سليم، حميد سنڌي ۽ ٻين جا يادگار انٽرويو ڇپايا. هن سنڌي اخبارن جاڳو، ڪاوش، سچ، خلق ۽ هلال -پاڪستان- ۾ ڪالم پڻ لکيا. سندس -انگريزي- شاعري، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامن، ڪالمن ۽ انٽرويوز جا ٻه مجموعا ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن. -ارم محبوب- کي منسٽري آف ڪلچر، ٽوئرزم ۽ يوٿ افيئرز پاران 1998ع ۾ ليڊر آف دي ييئر اوارڊ ملي چڪو آهي. -ان- کان سواءِ سنڌ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ پاران پڻ کيس ڊپارٽمينٽل وڊيو مووي ”مومل جي ڪهاڻي“ ۽ -ان- جا ڊائلاگ لکڻ تي 2000ع ۾ اوارڊ ڏنو ويو آهي. هيءَ وڊيو مووي سنڌ جي 5000 ڳوٺن ۾ ڏيکاري وئي. -ارم محبوب- ٻه ڀيرا ڀارت جو سفر ڪيو آهي ۽ اتي سنڌي اديبن جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. -ان- کان سواءِ چين، فلپائين، سنگاپور، ملائيشيا، ٿائيلئنڊ ۽ هانگ ڪانگ جا سفر پڻ ڪري چڪي آهي. سنڌ جي سمورن اهم سنڌي رسالن سهڻي، مهراڻ وغيره ۽ ڀارت جي رسالن ”ڪونج“، ”رچنا“ ۽ هوند راج بلواڻيءَ جي ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالي ”ڦلواڙي“ ۾ سندس سنڌي شاعري ڇپجي چڪي آهي. هن ٻارڙن جي -اردو- رسالن ’نونهال‘، ’بچون ڪي دنيا‘، ’ٽوٽ بٽوٽ‘ ۽ ’جگنو‘ ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. هن ڪجهه وقت ڪي ٽي اين تي پروگرام ”منهنجو ٻالڪپڻ“ ۾ وڏن وڏن اديبن، فنڪارن، -تعليم- دانن، ڊاڪٽرن ۽ سياستدانن جا انٽرويو به ڪيا. -ارم محبوب- هڪ ئي وقت سنڌي، -اردو- ۽ -انگريزي- ٻولين جي ليکڪا آهي. هن سنڌ ٽي وي تي مختلف پروگرامن ۾ ڊائريڪشن پڻ ڏني آهي.[1]

حوالا[سنواريو]