ارباب (لقب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ارباب سما قبيلي جي ڪن خاندانن جو لقب آھي. سمن جي مقابلي ۽ جنگين ۾ سماٽ قبيلن کي گهڻو نقصان پھتو. ان هوندي بہ ڪن قبيلن ۽ گروهن پنھنجو وجود برقرار رکيو. جيئن تہ اُنڙن پنھنجي موجوده اڳواڻ ”ڄام تماچيءَ“ جي روپ ۾، سمن جي شاهي خاندان جي نالي کي قائم رکيو آهي. سمو قبيلو گهڻين نکن ۾ ورهايل هو، جن جي سڃاڻپ پنھنجي سردارن جي نالن سان ٿيندي هئي. جھڙوڪ: ڄام، ارباب، وڏيرا ۽ ڄاموٽ وغيره.

ٿر ۽ گولاڙچي، توڙي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ نھڙي قبيلي جو سردار ارباب سڏجي. ويجهڙائيءَ ۾ نهڙين جو سردار ”ارباب توڳاچي“ هو، ان جي وفات کان پوءِ سردار ارباب امير حسن پڳ ڌڻي ٿيو.

هالن نون، دڙي، لاکن ۽ ٻَني جا ميمڻ بہ ارباب سڏائيندا آهن.

”ارباب“ عزت وارو لقب آهي، تنھنڪري عام ماڻھن پنھنجي اولاد (پٽن) جو نالو پڻ ارباب رکايو. انھيءَ ڪري ڪن ڳوٺن ۽ ديھن جا نالا بہ انھن ماڻھن جي پٺيان مشھور ٿيا.[1]

حوالا[سنواريو]