ارباب فيض محمد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حاجي -ارباب فيض محمد- نهڙيو، ارباب خانصاحب توڳاچيءَ جو پٽ هو، جنهن 1942ع ۾ ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي ۾ -جنم- ورتو. -ارباب فيض محمد- سياست جي شروعات 1970ع کان شروع ڪئي. 1977ع واري اليڪشن دوران پي. -ايس- 55 -تان- بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1985ع جي چونڊن ۾ اباڻي -تڪ- ڏيپلي جي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ پي. -ايس- 55 -تان- سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1988ع جي اليڪشن ۾ -ارباب فيض محمد- بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. 1990ع جي اليڪشن دوران هن وري به اباڻي -تڪ- پي. -ايس- 55 ڏيپلي تي فارم ڀرايو ۽ ڪامياب ٿيو، سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿي جيل کاتي جو صوبائي وزير ٿيو. 1997ع جي اليڪشن دوران ساڳي -تڪ- پي. -ايس- 55 ڏيپلي -تان- بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. سنڌ حڪومت ۾ منرل، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جو وزير بڻيو. اهڙي ريت اباڻي -تڪ- -تان- پنج دفعا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ٻه دفعا صوبائي وزير ٿيو، -ارباب فيض محمد- 27 نومبر 2000ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]