ارباب خانصاحب توڳاچي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ارباب- خانصاحب -توڳاچي-، -ارباب- خاندان جي مشهور سخي مرد -ارباب- مير محمد جو پٽ هو. -ارباب- خانصاحب -توڳاچي- سياست جي شروعات 1925ع کان ڪئي. راڄوڻي فيصلن جو ماهر هو. 1936ع کان 1956ع تائين ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر (M.L.A) رهندو آيو. 1936ع ۾ پهريون ڀيرو خانصاحب عطا محمد پلي سان مقابلو ڪيائين ۽ کيس شڪست ڏئي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ M.L.A بڻيو. 1941ع جي اليڪشن ۾ غلام نبي شاهه کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ايم. ايل. اي بڻيو. 1946ع جي اليڪشن ۾ مير ملڪ محمد -ٽالپر- کي هارائي ٽيون ڀيرو ايم. ايل. اي طور ڪامياب ٿيو. 1956ع جي اليڪشن دوران سندس مقابلي لاءِ لطف علي دل ميدان ۾ لٿو، جنهن کي به ڪاميابي حاصل نه ٿي. -ٿر- جي عوام وڏي اڪثريت سان خانصاحب توڳاچيءَ کي ووٽ ڏئي پنجون ڀيرو ايم. ايل. اي طور ڪامياب ڪيو. -ارباب- توڳاچيءَ جي راڄوڻي -جوڙ توڙ-، ڏاهپ ۽ -ٿر- جي عوام لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙي خدمتن ڪرڻ عيوض -انگريز- سرڪار کيس ”خانصاحب“ جو لقب ڏنو. 1943ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي قرارداد -پاڪستان- جو ٺهراءُ منظور ڪيو ته -ان- وقت -ارباب- خانصاحب توڳاچيءَ به پنهنجو قيمتي ووٽ قرارداد جي حق ڏئي ٿرواسين جي نمائندگي ڪئي. خانصاحب -توڳاچي- 1971ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس آخري آرامگاهه ڏيپلي تعلقي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ کيتلاريءَ جي قبرستان ۾ واقع آهي.[1]

حوالا[سنواريو]