ارباب حاجي عبدالله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ارباب حاجي عبدالله- نهڙيو پهرين -جنوري- 1949ع تي تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ کيتلاري ۾ ڄائو. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجويشن ڪيائين. 1980ع کان سياست ۾ شامل ٿيو. 1983ع کان 1984ع تائين ڪلوئي يونين ڪائونسل جو چيئرمئن رهيو. 2000ع وارين مڪاني چونڊن ۾ بنا مقابلي کيتلاري يونين ڪائونسل جو ناظم ٿيو. 2002ع جي عام چونڊن ۾ ننگرپارڪر جي -تڪ- -تان- صوبائي -اسيمبلي- جو ميمبر چونڊيو. اهڙيءَ ريت 2008ع وارين عام چونڊن ۾ به ساڳي ئي -تڪ- -تان- هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 29 فيبروري 2008ع ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ کيتلاريءَ جي قبرستان ۾ مدفن آهي.[1]

حوالا[سنواريو]