مواد ڏانھن هلو

ارباب تاج محمد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ارباب -تاج- محمد-، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر -ارباب غلام رحيم- جو والد هو. سياست جي شروعات 1936ع ۾ بي. ڊي جي اليڪشن سان ڪيائين. ڳچ عرصو ضلعي ٿرپارڪر جو وائيس چيئرمئن ٿي رهيو، هڪ سماجي تنظيم ’-ٿر- ويلفيئر سوسائٽيءَ‘ جو 1937ع ۾ بنياد وڌائين ۽ -ان- تنظيم جو صدر ٿي رهيو. هن تنظيم جي پليٽ فارم -تان- -ٿر- جي عوامي ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، گهڻو ڪري ضلعي هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص ۾ ئي رهندو هو ۽ ضلعي جي آفيسرن سان ملاقاتون ڪري، -ٿر- جي عوام جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. پنهنجي وڏي -ڀاءُ- -ارباب- خانصاحب توڳاچيءَ سان گڏجي محمد علي جناح سان تحريڪ آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين. کيس صدر محمد -ايوب خان- ’خدمت خلق‘ جو -تمغو- ڏنو. 1976ع ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان کيتلاري، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]