ارباب انور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٿرپارڪر جي -ارباب- خاندان سان تعلق رکندڙ -ارباب انور- نهڙيو، 4 -اپريل- 1977ع تي ڳوٺ کيتلاري، تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- اباڻي ڳوٺ ۾ وٺڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان گريجوئيشن ڪيائين. 2000ع کان سياست جي ميدان ۾ پير رکيائين. 2003ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر ۾ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو چيئرمئن ٿيو ۽ 2005ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. -ان- کانپوءِ مڪاني چونڊن دوران 2005ع ۾ ٿرپارڪر جو ضلعي ناظم چونڊيو ويو ۽ 2008ع تائين ٿرپارڪر جو ضلعي ناظم رهيو.[1]

حوالا[سنواريو]