ارباب الھجڙيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ارباب- حاجي الهجڙيو نهڙيو 1862ع ۾ -ارباب- مٺا خان جي گهر ۾ ڳوٺ کيتلاري تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ -جنم- ورتو. سياست جي شروعات 1895ع کان شروع ڪيائين. سياسي ميدان ۾ مسلم ليگ سان ساٿ ڏئي اڳتي وڌيو. -تحريڪ خلافت- ۾ حصي وٺڻ کان سواءِ علامه مشرقي جي 1931ع ۾ قائم ڪيل خاڪسار تحريڪ ۾ مير علي احمد -ٽالپر- ۽ مير رسول بخش -ٽالپر- سان گڏ حصو ورتائين. -آزاديءَ جي تحريڪ- دوران -ارباب- خانصاحب -توڳاچي- ۽ -تاج- محمد'>-ارباب -تاج- محمد- جو -ٻانهن- ٻيلي رهيو. لوڪل بورڊ جو ميمبر به رهيو، کيس جڏهن سياست ۾ ڪوڙ ۽ ٺڳي نظر اچڻ لڳس ته سياست کي خيرآباد چئي -الله- جي اطاعت، عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿي انسانيت جي خدمت ڪرڻ لڳو. اسلامي، ديني ۽ علمي معلومات جي -اشاعت- ۽ جهالت کي ختم ڪرڻ لاءِ 1929ع ۾ ستار -آباد- ۾ ”مظهر العلوم“ نالي سان هڪ وڏو ديني مدرسو قائم ڪرايائين، جنهن مان سوين شاگرد عربي، فارسي ۽ قرآن شريف جي -تعليم- حاصل ڪري چڪا آهن. انهيءَ مدرسي جو خرچ هي سخي مرد برداشت ڪندو هو. عالمن ۽ فاضلن سان روحاني ڪچهريون ڪري انهن مان فيض ۽ ذهني سڪون حاصل ڪندو هو. سندس زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو، مولوي حاجي احمد ملاح جو سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو منظوم ترجمو پنهنجي خرچ تي ڇپائي، سنڌ جي عوام ۾ مفت تقسيم ڪرڻ هو. -ٿر- جو عوام سندس ديني، مذهبي ۽ سماجي خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي. پاڻ 20 -آگسٽ- 1988ع ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي تعلقي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ کيتلاريءَ ڀرسان کيتلاري قبرستان ۾ واقع آهي.[1]

حوالا[سنواريو]