اذن عام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اذن عام(انگريزي: Izn e Aam) مرڻي جي هڪ رسم، جنهن ۾ فوتيءَ کي دفنائڻ کان پوءِ، قبرستان جي حد کان ٻاهر نڪري فاتحه پڙهي، عارضي عذرخواهي ڪرڻ کان پوءِ اعلان ڪرڻ ته جنهن کي تڪڙو ڪم هجي، اُهو وڃي ته کيس اجازت آهي. -ان- اعلان کي ”-اذن عام-“ چوندا آهن[1]. ھي جمعي جي نماز جي واجب ٿيڻ جي شرطن منجھان ھڪ شرط آهي، جنھن جو مطلب ھي آھي ته جتي جمعي جي نماز پڙھي ويندي ھجي اتي ھر خاص ۽ عام کي شريڪ ٿيڻ جي عام اجازت ھجي ۽ ڪنھن قسم جي ڪابه رڪاوٽ ڪنھن لاءِ نہ ھجي[2].


حوالا[سنواريو]

  1. - http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B0%D9%86%20%D8%B9%D8%A7%D9%85 اذن عام : (Sindhianaسنڌيانا)]
  2. - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 35