مواد ڏانھن هلو

اذان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اذان معنيٰ خبردار ڪرڻ، سڏ ڪرڻ. اسلامي اصطلاح موجب اهي مقرر لفظ، جيڪي نمازن جي وقتن تي ٻانگو وڏي آواز سان ورجائيندو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح ماڻهن کي باجماعت نماز لاءِ سڏيندو آهي. اهو طريقو نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم جي مديني ۾ اچڻ کان پوءِ سن 2ھ/624ع ۾ -جاري- ٿيو. ٻين مذهبن ۾ گهنڊ گهڙيال وڄائڻ يا ناد وڄائڻ جو طريقو رائج آهي. مسلمانن جي -اذان- ۾ چار دفعا -تڪبير- (-الله- اڪبر)، ٻه دفعا ”اشهد -ان- لا الہ الاالله“، ”اشهد -ان- محمد رسول -الله-“، ”حي علي الصلواة“، ”حي علي الفلاح“، ۽ -تڪبير- ۽ آخر ۾ هڪ دفعو ”لا الہ الا -الله-“ جا لفظ چيا ويندا آهن. صبح واري ٻانگ ۾ ”حي علي الفلاح“ کان پوءِ ”الصلواة خير من النوم“ جا لفظ به ٻه ڀيرا چيا ويندا آهن. سنڌ ۾ -ٻارڙي- جي ڄمڻ تي -ان- جي ساڄي ڪن ۾ ٻانگ ڏني ويندي آهي. هنن لفظن سان ته ”ڀلي -آئين- -الله- جا مهمان! توتي لکين رحمتون نازل ٿين“. ڪنهن اوچتي آفت ۽ خطري جي وقت به مسلمانن ۾ ٻانگن ڏيڻ جو رواج آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]