مواد ڏانھن هلو

اديس ابابا

ادیس ابابا
አዲስ አበባ (امھارڪ ٻولي)
نینٿوپولس
گاديء جو ھنڌ ء چارٽر شھر
Addis Ababa
مٿي کان، کاٻي کان ساڄي: اديس ابابا جي ميسڪیل اسڪوائر جو اسکائی لائن، يھوداہ جي شینھن جي يادگار؛ سينٽ جارج ڪيٿيڊرل، اديس ابابا يونيورسٽي، شيگر پارڪ؛ ھولی ترینیتی ڪيٿيڊرل؛ اديس ابابا لائيٽ ريل.
Flag of ادیس ابابا
Nickname(s): 
City of Humans, Sheger, Adu Genet
Map
جاگرافي بيهڪ: 9°1′48″N 38°44′24″E / 9.03000°N 38.74000°E / 9.03000; 38.74000
ملڪ ایتوپیا
قیام 1886ع
شھر جی طور 1889ع
Founded by
  • مینیلک ll
  • ٹیٹو بیتول
Government
  مئیر ادانیخ ابیبی
Area
  Total
527 ڪ.م2 (203 ميل2)
  Land 527 ڪ.م2 (203 ميل2)
  [1]

اديس ابابا (/ˌædɪs ˈæbəbə/؛ انگریزی:Addis Ababa) ايٿوپيا جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي.[2][3][4] سال 2007ع جي مردم شماري ۾ شهر جي آبادي اندازي مطابق 27,39,551 آبادي هئي. اديس ابابا ايٿوپيا جو هڪ انتهائي ترقي يافته ۽ اهم ثقافتي، فنڪشنل، مالي ۽ انتظامي مرڪز آهي.[5] اديس ابابا جو مطلب "نئون گل" آهي. سال 2023ع جي اندازي مطابق، ان جی آبادي 39,45,000 آهي، جيڪو 3.8 سيڪڙو في سال جي شرح سان وڌي رهيو آهي. هڪ چارٽرڊ شهر جي حيثيت سان، اديس ابابا هڪ شهر ۽ هڪ رياست جي حيثيت رکي ٿو.

اديس ابابا جي بنياد جي تاريخ سال 1886ع ۾، ٻه سال اڳ مائونٹ اينٽوٽو شھر کي ناپسنديده ڳولڻ کان پوء شيوا جي نيگس شهنشاهه مينيلڪ II رکیو.[6] ان وقت هي شهر هڪ ریزورت تائون هو. ان جي معدني چشمن جي گهڻائي سلطنت جي اميرن کي راغب ڪيو ۽ انهن کي مستقل آبادي قائم ڪرڻ جي طرف راغب ڪئي. اهو پڻ پورهيت طبقن جي ڪيترن ئي ميمبرن کي متوجه ڪيو؛ جنهن ۾ ڪاريگر ۽ واپاري ۽ پرڏيهي سياح شامل هئا. مينيلڪ II وري سال 1887ع ۾ هتي پنهنجو شاهي محل ٺهرايو.[7][8] اديس ابابا 1889ع ۾ سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو، ۽ ان کان پوءِ هتي بين الاقوامي سفارتخانا کوليا ويا.[9][10] شهري ترقي 20ھین صدي کان، بغير ڪنهن اڳواٽ منصوبابندي جي شروع ٿي.[6]

اديس ابابا سال 1926ع ۽ 1927ع ۾ وڏي پئماني تي معاشي واڌارو ڏٺو ۽ وچولي طبقي جي ملڪيت جي عمارتن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو، جن ۾ پٿر جا گھر شامل آھن جيڪي درآمد ٿيل يورپي فرنيچر سان ڀريل ھئا. وچولي طبقي به نوان ٺاهيل گاڏيون درآمد ڪيون ۽ بئنڪنگ ادارن کي وڌايو. [11] اطالوي قبضي دوران، شهريت ۽ جديديت مسلسل ماسٽر پلان ذريعي وڌي وئي. اها اميد هئي ته اديس ابابا هڪ وڌيڪ "نوآبادياتي" شهر هوندو ۽ قبضي کان پوء جاري رهندو. سال 1940ع جي ڏهاڪي کان پوءِ فرينچ ۽ برطانوي صلاحڪارن پاران بعد ۾ ماسٽر پلان ٺاهيا ويا، جن ۾ يادگار، شهري اڏاوتون، سيٽلائيٽ شهرن ۽ اندرين شهر تي ڌيان ڏنو ويو. اهڙي طرح بعد ۾ اطالوي ايٿوپين ماسٽر پلان پڻ سال 1986ع ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو صرف شهري ڍانچي ۽ رهائش جي خدمتن سان لاڳاپيل هو، پر بعد ۾ سال 2003ع ماسٽر پلان پاران بیھر ترتيب ڏنو ويو.

اديس ابابا هڪ وفاقي طور تي چارٽر ٿيل شهر آهي جيڪو اديس ابابا سٽي گورنمينٽ چارٽر پروڪليميشن نمبر 87 آف 1997ع جي مطابق FDRE آئين ۾ آهي.[12] اديس ابابا کی، براعظم لاء ان جي تاريخي، سفارتي ۽ سياسي اهميت جي ڪري، "آفريڪا جی سياسي راڄڌاني" پن سڏيو وڃي ٿو. اديس ابابا وڏين بين الاقوامي تنظيمن جي هيڊ ڪوارٽر طور ڪم ڪري ٿو، جهڙوڪ آرگنائيزيشن آف آفريڪن يونٽي ۽ گڏيل قومن جي اقتصادي ڪميشن جو هيڊ ڪوارٽر آهي.[13] ھي شهر اوڀر آفريڪي رفٽ کان ڪجهه ڪلوميٽر اولهه ۾ آهي، جيڪو ايٿوپيا کي ٻن حصن، نوبين پليٽ ۽ صومالي پليٽ جي وچ ۾ ورهائي ٿو.[14] شهر اوروميا جي اسپيشل زون جي چوڌاري آهي، جتی ايٿوپيا جي مختلف علائقن جی ماڻهن جي آبادي آهي. اهو اديس ابابا يونيورسٽي جو گهر آهي. شهر ۾ هڪ اعلي انساني ترقي انڊيڪس آهي ۽ اهو پنهنجي متحرڪ ثقافت، مضبوط فيشن منظر، نوجوانن جي اعلي شهري ۽ سياسي شموليت، هڪ ترقي يافته آرٽ منظر ۽ دنيا جي تيز ترين اقتصادي ترقي جي شرحن مان هڪ ملڪ جي دل هجڻ جي ڪري مشهور آهي.[15]

حوالا

[سنواريو]
  1. "2011 National Statistics", Csa.gov.et, اصل کان 30 March 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 July 2013۔
  2. Ethiopia in Brief, n.d., اصل کان 28 December 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 April 2021۔
  3. "Oromia Regional State", Ethiopia, اصل کان 28 July 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2 June 2020۔
  4. "| Human Development Reports", hdr.undp.org, حاصل ڪيل 09 نومبر 2021۔
  5. "Addis Ababa | national capital, Ethiopia", Encyclopædia Britannica (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 9 February 2019۔
  6. 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :2
  7. "Ethiopia's Imperial Palace opened to the public after more than a century", This is africa (ٻولي ۾ en-US), 30 آڪٽوبر 2019, اصل کان 12 February 2022 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 12 فيبروري 2022۔
  8. "Ethiopia opens doors to its Imperial Palace for the first time", Embassy of Ethiopia, London (ٻولي ۾ en-US), 16 آڪٽوبر 2019, اصل کان 12 February 2022 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 12 فيبروري 2022۔
  9. Anacker, Caelen (16 مارچ 2010), "Addis Ababa, Ethiopia (1886– ) •" (ٻولي ۾ en-US), اصل کان 5 January 2022 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 05 جنوري 2022۔
  10. Benti, Getahun (2000). "A History of Addis Ababa from Its Foundation in 1886 to 1910 (review)". Northeast African Studies 7 (2): 143–145. doi:10.1353/nas.2004.0013. ISSN 1535-6574. https://muse.jhu.edu/article/173923. Retrieved 15 December 2021.
  11. Anacker, Caelen (16 مارچ 2010), "Addis Ababa, Ethiopia (1886– ) •" (ٻولي ۾ en-US), اصل کان 5 January 2022 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 05 جنوري 2022۔
  12. (English ۾) Federal Negarit Gazeta. 2003. p. 1.
  13. "United Nations Economic Commission for Africa", UNECA, اصل کان 24 April 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 5 May 2012۔
  14. Gizaw, Berhanu. "The origin of high bicarbonate and fluoride concentrations in waters of the Main Ethiopian Rift Valley, East African Rift system." Journal of African Earth Sciences 22.4 (1996): 391–402.
  15. James Jeffrey. "Addis Ababa: 10 best things to do in Ethiopia's capital" (en ۾). https://www.cnn.com/travel/article/things-to-do-addis-ababa-ethiopia/index.html.