اديب فيروز شاھي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سندس پورو نالو مولانا دين محمد ”اديب“ فيروز شاهي، پاڻ سنڌ جو مشهور عالم، شاعر ۽ اديب، جنهن سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي. نثر ۾ به ڪافي ڪتاب لکيائين. پاڻ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ فيروز شاهه ۾ 1897ع ۾ ڄائو هو، -ان- ڪري فيروز شاهي سڏايائين. علم جي تحصيل ۽ تڪميل بعد ڪيترن مدرسن ۾ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. ڪافي عرصو تاريخي شهر -پاٽ- ۾ به علم جي تدريس کي ڦهلايائين. آخري ڄمار ۾ حيدرآباد اچي رهيو. نور محمد هاءِ اسڪول جي هاسٽل جو پيش -امام- مقرر ٿيو. حيدرآباد ۾ قيام دوران ملڪ جي وڏن عالمن سان ملاقاتون ڪيائين. ”مولانا اشرف ٿانويءَ جو معتقد ٿيو. هُن مولانا روم جي مثنويءَ جو سنڌي ترجمو اشرف العلوم“ جي نالي سان ڪيو، سندس ٻين ڪتابن ۾ (1)-اصلاح- احوال (2) -بهشتي- ڪوثر (3) خاتم الانبيا (نور الانوار جو سنڌي ترجمو) (4) ڪشف المعجوب جو سنڌي ترجمو مشهور آهن.[1]