اديب انقلابي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اديب انقلابي جو اصل نالو مظفر علي چانڊيو آهي. هو اديب، نقاد ۽ محقق آهي. هو ڳوٺ گاهي خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.بي.بي.ايس، ڊي.ايل.او، ايم.ايس.ايف ۽ آءِ.سي.ايس جون ڊگريون پاس ڪيون آهن ۽ هن وقت پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي. اديب انقلابي جو شمار سنڌ جي سٺن اديبن ۾ ٿئي ٿو. هن جا هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ ”جساف جي ڏھ سالہ تاريخ“ (1982ع)، ”دنيا جا انقلابي ٻار“،(1982ع)، ”پشتو شاعريءَ جو سنڌي روپ“ (1983ع)، ”دنيا جا انقلابي ڊاڪٽر“ (1984ع)، ”سنڌ جي ڪوپائي ڪٿا“ (1993ع)، ”سنڌ جا عظيم ويڄ“ (1992ع)، ”ڪن، نڪ، ڳلي جون عام بيماريون“ (1985ع)، ”سائين جي ايم سيد سان ڪچھريون“ (1985ع)، ”ٽارچر سيل جي شاعري“ (1996ع)، ”گستاخ ڪلامي“ (2006ع) ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. هو هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]