ادراڪي بيگلاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ادراڪي بيگلاري سنڌ ۾ ڏهين صدي هجريءَ جو مشهور فارسي گو شاعر، تاريخدان ۽ ترڪ قبيلي ارغون سان تعلق رکندڙ هو. هن خاندان جو مرڪز نصرپور هو. ادراڪيءَ پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن هتي ئي گذاريا ۽ هتي ئي وفات ڪيائين. هن جي پهرين تصنيف ”مثنوي چنيسر نامه“ آهي، جيڪا هن پنهنجي ممدوح مير ابوالقاسم بن شاهه قاسم زمان بن سيد قاسم بيگلاريءَ جي فرمائش تي 1601ع ۾ لکي. هيءَ مثنوي، سنڌي ادبي بورڊذ پاران شايع ٿيل آهي. سندس ٻي تصنيف ”بيگلار نامه“ آهي، جنهن ۾ هن ميرابوالقاسم جي والد، شاھ قاسم خان (1017ھ/1658ع) جي لڙاين کي فارسي نثر ۾ لکيو آهي. سندس هيءُ ڪتاب ترخاني دؤر متعلق هڪ مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.

بيگلارن جو قبرستان نصرپور جي ويجهو، ٽنڊي الهيار ٽنڊي آدم روڊ تي، اولهه طرف، ’تورڪيءَ‘ جي ڳوٺ ۾ ’ميين ونهيين‘ جي مزار جي ويجهو آهي، جنهن کي ”تورڪيءَ وارو قبرستان“ به سڏين ٿا. ادراڪي بيگلاري به انهيءَ قبرستان ۾ مدفون آهي.[1]

حوالا[سنواريو]