اخلاقي تنقيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اخلاقي تنقيد (Ethical Criticism)، ھن تنقيدي نظريي جو موجد مشهور انگريز نقاد جان رسڪن (1819-1900ع John Ruskin) کي ڄاتو وڃي ٿو. جنهن جو چوڻ آهي تہ ادب جو مول مقصد اهو هئڻ گهرجي تہ اُهو پڙهندڙن جو اخلاق بھتر ڪري. اُها تنقيد، جيڪا اڄ ڪلھ ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن تي ڪئي وڃي ٿي، جنھن ۾ رائج الوقت متن ۽ مذهبي توڙي تھذيبي روايتن جي حامل هئڻ يا نہ هجڻ جي تصديق هجي. ان قسم جي تنقيد کي ’اخلاقي تنقيد‘ سڏيو وڃي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.