احمد شاھ (ماڳ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد شاھ ماڳ ″25◦34′72 اتر ويڪرائي ڦاڪ 67◦50′72″ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي بارڻ ماٿر جي اڀرندي پاسي، آريجا ڳوٺ کان اوڀر طرف ڄام شوري ضلعي (ڪوھستان) ۾ واقع آھي. ھي ماڳ ٿاڻي عارب کان ڏکڻ ۾ آھي. هي دڙو ڌاتو پاھڻي دور Chalcolithic سان تعلق رکي ٿو. (فليم) ھتي پٿر جي اڏاوت جي رھت ملي ٿي. نئن جي ڪپ تي کوٽائيءَ مان توڙي مٿاڇري تان ڪوبہ ڪھنو آثار ڪونہ مليو آھي. البتہ ھتان کان اٽڪل ڪلو ميٽر اتر اولھ ۾ احمد شاهه جي ڍوري نالي نئن جي حصي تي ڌاتو پاھڻي دور جي ھڪ ماڳ جا واضح نشان مليا آھن. جتي اين. جي مجمدار ڪجهہ کوٽائي ڪئي آھي. ھتي ھينئر نئون قبرستان ٺھي چڪو آھي.[1]

حوالا[سنواريو]