احمد سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد حسين ولد رسول بخش سولنگي، 5 جنوري 1971ع تي موري شهر، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. سندس تعليمي قابليت بي. اي آهي. سنڌي نظم جي حوالي سان، جديد شاعريءَ ۾ سندس اهم سڃاڻپ آهي. طويل مزاحمتي ۽ رومانوي نظم لکڻ تي عُبور حاصل اٿس. غزل ۽ وايون به سٺيون لکيون اٿس. ادبي سنگت موري شاخ جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. شيخ اياز فائونڊيشن جو پريس سيڪريٽري به رهيو آهي. ڪجهه وقت پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ وڏي وزير جو معاون، ڪجهه وقت موجوده صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ جو پروٽوڪول آفيسر رهيو. هن وقت ڊائريڪٽر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، لاڙڪاڻي جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. سندس موجوده رهائش قاسم آباد حيدرآباد ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]