احمد رضا شاھ جيلاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد رضا شاھ جيلاني پير آف راڻيپور عبدالقادر شاهه جيلانيءَ جو پٽ ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. پهرين جنوري 1976ع ۾ راڻيپور ۾ ڄائو. هن ايم. اي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هو پيراڻي ۽ سياسي خاندان سان تعلق رکي ٿو. جنهن جي پيپلز پارٽيءَ سان ئي وابستگي رهي آهي. سندس والد صاحب ڪيترائي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. هو خيرپور جي تڪ پي ايس 33 مان پ.پ.پ جي ٽڪيٽ تي ايم. پي. اي چونڊيو. هن وقت هائوس ڪميٽي ۽ ثقافت بابت ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ مڪاني ادارن بابت ڪميٽي جو چيئرمين آهي.[1]

حوالا[سنواريو]