احمد خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد احمد خان هڪ خانداني گويو هو ۽ سنڌ جو ممتاز موسيقار ليکيو ويندو هو. سندس پيءُ شادي خان به هڪ برک موسيقار ٿي گذريو آهي. سندس ڀائر گامڻ خان ۽ ڪريم بخش خان به پنهنجي دور جا مڃيل موسيقار هئا. -استاد احمد خان- ٽپي ۽ ڌر پڌ جو ماهر هو، مگر پوءِ سمورو توجهه خيال طرف ڏنائين. سندس آواز ۾ خاص قسم جو تاثر هو، انهن خوبين سبب ٻاهرين ملڪن ۾ به سندس عزت هئي. نيپال جي مهاراجا جي دعوت تي اوڏانهن هليو ويو ۽ سندس درٻاري ٿي رهيو. وفات به اُتي ڪيائين. -استاد- -جمالو- خان ۽ -استاد منظور علي خان- سندس خاندان مان آهن.[1]

حوالا[سنواريو]