مواد ڏانھن هلو

احمد بن محمد المنصوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عالم ۽ اديب احمد بن محمد المنصوري، منصوره جو رهاڪو هو. هن ديني تعليم فارس ۽ بصري ۾ حاصل ڪئي. فارسيءَ ۾ احمد الغزالي (ابو رؤق) سندس استاد هو، کيس مذهب ۾ امام دائود بن علي اصفهانيءَ کان سند حاصل هئي. اڳتي هلي اراجان جو قاضي مقرر ٿيو . هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾: ڪتاب ’المصباح الڪبير‘ ڪتاب ’الهادي‘ ۽ ڪتاب ’النير‘ گهڻو مقبول ٿيا. ڪجهه عالمن پاران حديثن جي مسئلي تي هن سان اختلاف بہ رکيا ويا.[1]

حوالا

[سنواريو]