اترادي ٻولي (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي اتر واري علائقي جي حدن ۾ مروج خاص لهجي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ اڀياس تي مشتمل ’اترادي ٻولي‘ ڪتاب جو پھريون ڇاپو، مارچ 1995ع ۾ سنڌي ٻوليءَ اٿارٽي شايع ڪيو. هيءُ ڪتاب لسانيات جي موضوع تي ڊاڪٽر هدايت پريم جو تصنيف ڪيل آهي، جنھن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي اترادي لھجي جو تعارف ڪرايو آهي. هن صاحب اترادي لھجي جي صوتيات، صرفيات، نحويات ۽ انھيءَ لھجي تي ٻين پاڙيسري ٻولين بلوچيءَ ۽ براهويءَ وغيره جا اثر ڏيکاريا آهن ۽ پڻ اترادي لھجي جا پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح بيان ڪيا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]