مواد ڏانھن هلو

ابو نواس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابو نواس الحسن بن ھاني الحڪمي (جيڪو الحسن بن ھاني عبدالأول الصباح يا ابو علي (أَبُو عَلِي) طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، ۽ مختصر طور تي ابو نواس السلمي يا رڳو ابو نواس (أبو نواس))، (756ع – 814ع تقريباً)، ھڪ مشھور عربي شاعر ھو، ۽ عباسي خلافت جي ابتدائي دور ۾ ترقي ڪندڙ جديد شاعري (محدث شاعري) جو نمائندو سمجهيو وڃي ٿو. ھو عوامي روايت ۾ پڻ داخل ٿيو ۽ ڪيترائي ڀيرا الف ليليٰ (ھزار راتيون ۽ ھڪ رات) جي داستان ۾ ذڪر ٿيل آھي.

شروعاتي زندگي

[سنواريو]

ابو نواس عباسي خلافت جي صوبي اھواز (ھاڻي ايران جي خوزستان صوبي) ۾ پيدا ٿيو. ھو اھواز جي شھر يا ان جي ويجهن علائقن مان ھڪ ۾ ڄائو. سندس پيدائش جي صحيح تاريخ معلوم ناھي، پر ھو 756ع ۽ 758ع جي وچ ۾ ڄائو ھو. سندس والد ھاني ھڪ عرب ھو (شايد دمشق مان)، جيڪو آخري اموي خليفي مروان ثاني (744ع–750ع) جي فوج ۾ شامل رھيو. سندس ماءُ گلبان ھڪ فارسي عورت ھئي، جنھن سان ھاني اھواز جي پوليس فورس ۾ ڪم ڪندي ملاقات ٿي. جڏھن ابو نواس 10 سالن جو ھو، تہ سندس والد وفات ڪري ويو.

ابو نواس ننڍپڻ ۾ پنھنجي ماءُ سان گڏ ھيٺين عراق جي شھر بصره ۾ ويو، جتي ھن قرآن اسڪول ۾ پڙھيو ۽ ننڍي عمر ۾ حافظ قرآن بڻيو. سندس نوجواني جي دلڪشي ۽ قدرتي شخصيت ڪوفيءَ جي شاعر ابو اسامہ وليبہ بن الحباب الاسدي کي متوجہ ڪيو، جنھن ابو نواس کي شاگرد طور ڪوفہ وٺي ويو. وليبہ، ابو نواس ۾ شاعريءَ جو ٽيلنٽ ڏسي، کيس ھن شعبي ڏانھن ھمت افزائي ڪئي، پر ان سان گڏ وليبہ سندس ظاھري حسن سان پڻ متاثر ٿيو ۽ ٿي سگهي ٿو تہ انهن جي وچ ۾ روماني تعلقات رھيا ھجن. جڏھن ابو نواس وڏو ٿيو، تہ سندس نوجوان ڇوڪرن سان تعلقات پڻ سندس پنھنجي تجربي جي عڪاسي ڪن ٿا.

ابو نواس ڪيترن ئي صنفن ۾ شاعري ڪئي، پر سندس خاص صلاحيت شراب جي تعريف تي ٻڌل شاعري ۽ شڪار جي شاعري ۾ نمايان ھئي. ابو نواس جي ديوان (شاعريءَ جي مجموعي) کي مختلف صنفن ۾ ورھايو ويو: مدحا، مرثيا، طنز، مردن ۽ عورتن تي درباري محبت جي شاعري، توبھ جون شاعريون، شڪار جي شاعري، ۽ شراب جي شاعري. سندس عشقيہ شاعري، جيڪا اڪثر ھم جنس پرستيءَ تي ٻڌل آھي، 500 کان وڌيڪ نظم ۽ ٽڪرن ۾ ملي ٿي. ھن عربي روايت ۾ شامل طنزيہ شاعريءَ ۾ پڻ حصو ورتو، جيڪا شاعرن جي وچ ۾ سخت شاعراڻي طنز ۽ گاريون شامل ھيون.

ابو نواس جي معصر اسماعيل بن نوبخت چيو:

"مون ابو نواس کان وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ شخص ڪڏھن بہ نہ ڏٺو، ۽ نہ ئي ڪو اھڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو يادگيريءَ ۾ ايترو ڀرپور ھجي ۽ ان وٽ ڪتاب ايترا ٿورا ھجن. سندس وفات کان پوءِ اسان سندس گهر جي ڳولا ڪئي، ۽ صرف ھڪ ڪتاب جو ڪور مليو، جنھن ۾ ڪجهہ ناياب اصطلاح ۽ گرامر جا نوٽ لکيل ھئا."