ابو حذيفہ بن المغيره

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابو حذيفہ بن المغيره حجر اسود رکڻ جي ڇڪتاڻ تي فيصلو ڪرڻ وارو مڪي جو رھاڪو ھو. جڏھن قريشي قبيلا ڪعبي جون بنيادون کڻي ڪري حجر اسود تائين پھتا ته انھن ۾ اختلاف پيدا ٿي پي تہ حجر اسود ڪير کڻي ڪري ان جي جڳھ تي رکندو. ايتري تائين جو جھيڙي تائين وڃي پھتا ته ھو چوڻ لڳا تہ ھلو اسان پنھنجو منصف ھن کي بڻايون. ھن چيو تہ صبح جو سڀ کان پھرين جيڪو ھتان داخل ٿيندو  اھو حجر اسود نصب ڪندو ان تي سڀني جو اتفاق ٿي ويو. ھي مشورو ڏيڻ وارو ابو حذيفہ بن المغيره ھو ھو پنھنجي دين تي ئي فوت ٿيو. سڀ کان پھرين مسجد ۾ داخل ٿيڻ وارو نبي صلي اللہ عليہ و آلہ وسلم ئي ھيو جيڪي ان وقت نوجوان ھيا ۽ ھنن پنھنجي ڪلھن تي ڌاري دار چادر وڌي ھئي ته قريش انھن کي پنھنجو فيصل مڃي ورتو ، ته نبي صلي اللہ عليہ وسلم ڪپڙو گھرايو حجر اسود ان ۾ رکيو ۽ ھر قبيلي جي سردار کي چادر جي ڪنڊ کي پڪڙي ڪري کڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ نبي صلي اللہ عليہ وآله سلم حجر اسود کي پنھنجي ھٿن سان کڻي ڪري ان جي جڳھ تي نصب ڪري ڇڏيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. اسد الغابہ علامہ ابن اثیر،جلد اول،صفحہ70