ابو تراب شيخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ ۽ هند جو پهريون صوفي درويش، جيڪو ’ابوترابيءَ‘ جي نالي سان مشهور هو، بنوعباس جي حڪومتي دؤر (786 کان 808ع) ۾، سنڌ جي ڪجهه علائقن تي حاڪم مقرر ٿي آيو. هن بزرگ، ’-بکر-‘ ۽ ’کرڙي‘ جا قلعا فتح ڪيا. سندس شمار تبع تابعين ۾ ٿيندو آهي. هيءُ خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ ئي شهيد ٿيو هو. سندس مقبرو -ٺٽي- ۾ ’گُجي‘ شهر کان ٽي ميل ڏکڻ اولهه طرف، ٿرڙيءَ جي مڪان ۾، تعلقي ميرپورساڪري، ضلعي -ٺٽي- ۾ آهي. سندس روضي جي ڪتبي تي -تاريخ- وفات 171ھ/788ع لکيل آهي. -ان- لحاظ کان، هن درگاهه کي سنڌ جي قديم درگاهه سڏيو وڃي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]