ابو بڪر شبلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابوبڪر شبلي، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ابوبڪر ٿريچاڻيءَ ۾ 1942ع ۾ ڄائو. سندس تعليم مولوي عالم ۽ انٽرميڊيٽ هئي. عربيءَ جو استاد ۽ اداره اسلاميات ۾ محقق هو. 6 مارچ 1967ع تي وفات ڪيائين. سندس تصنيفون هيٺينءَ ريت آهن: (1) تاريخ اسلام_ 4 ڀاڱا (1955ع)، (2) تاريخ بنو اميه (1955ع)، (3) تاريخ خلافت راشده (1955ع)، (4) آسان عربي گرامر (1955ع)، (5) سنڌي درسي گرامر (1958ع)، (6) سيرت رسول (1959ع)، (7) دنيا جي ڪهاڻي (1961ع)، ۽ (8) شرح مدارج القراة العربية.[1]

حوالا[سنواريو]