ابو المڪارم شھود ٺٽوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابو المڪارم شھود ٺٽوي عالم، فاضل ۽ شاعر ٿي گذريو آھي، سندس پيءُ ٺٽي جو گورنر ھو. ابو المڪارم کي لغت ۽ تاريخ جي تمام گھڻي ڄاڻ ھئي، ان زماني جا چوڏھن علم کيس بر زبان ياد ھئا. ھو پنھنجو سڄو وقت پڙھڻ ۾ گذاريندو ھو. ھن جو الڳ ڪتب خانو ھو، جنھن ۾ سوين ڪتاب جدا جدا موضوعن تي موجود ھوندا ھئا. ھن 1037ھ /1687ع ڌاري وفات ڪئي، کيس قلندر شھباز جي ڀِڪ ۾ سيوھڻ ۾ دفنايو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]