ابو الفضل ۽ فيضي مع حل لغات (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھيءُ ڪتاب حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جو لکيل آھي، جنھن ۾ اڪبر بادشاھ جي درٻار جي ٻن رتنن ابو الفضل ۽ فيضيءَ (جي ٻئي ڀائر سنڌي ھئا) جي سوانح حيات کانسواءِ سندن علميت ۽ قابليت جو ذڪر ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ 124 صفحا آھن. ھن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ميشرز پوڪرداس ائنڊ بڪ سيلرز پبلشرز ڪراچيءَ پاران 1936ع ۾ شايع ڪيو ويو، ھن ڪتاب جو هڪ ٻيو ڇاپو 1993ع ۾ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد، ذڪي آرٽ پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]