مواد ڏانھن هلو

ابو العباس احمد منصوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابوالعباس احمد بن محمد بن صالح بن تميمي منصوري عالم، محقق ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. منصوره جو رهاڪو هو ۽ هتي ئي تعليم حاصل ڪيائون ۽ منصوره ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي علم ۽ ادب جي ڄاڻ ڏنائون. سندس نالو سنڌ جي ڏاهن ۾ ليکيو ويندو هو. عمر جي آخري حصي ۾ عراق جي شھر بغداد ويو، جتي ڪيترائي عالم کانئس متاثر ٿيا. هن بغداد ۾ حديثن جي علم ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي. هن جون ٽي تصنيفون ڏاڍيون مشھور ٿيون، جيڪي هي آهن: ’المصاع الڪبير‘، ’ڪتاب احاديث‘ ۽ ’ڪتاب النير‘.[1]

حوالا

[سنواريو]