ابو الطبيب سنڌي
ڏيک
شيخ ابوالطيب محمد بن عبدالقادر سنڌي عالم ۽ محدث هو. پاڻ گهڻو عرصو مديني منوره ۾ رهيو، جتي حديث جي تڪميل ڪري وڏو محدث ۽ عالم ٿيو. پاڻ مسلڪ جي لحاظ کان حنفي ۽ سلوڪ جي لحاظ کان نقشبندي هو. سندس مديني پاڪ ۾ تمام وڏو مدرسو هو، جتان ڪيترن ئي عالمن فيض پرايو. پاڻ حديث ۽ فقہ تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين. 1144ھ/1731ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪيائين. جنت البقيع جي قبرستان ۾ مدفون آهي.[1]