ابو اسحاق ابراھيم بن سنان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابو اسحاق ابراهيم بن سنان تمام وڏو رياضي دان ۽ علم هيئت جو ڄاڻو ۽ ماهر هو. 96-295ھ/907-908ع ۾ بغداد ۾ پيدا ٿيو. ابو اسحاق ابراهيم بن سنان بابت مشهور آهي ته هن بطليموس جي ڪتاب ’مجسطي‘ جي شرح لکي. هن جو وڏي ۾ وڏو ڪم پئرابولا (Parabola) تي تحقيق آهي. پئرابولا متعلق هن اهڙا مسئلا حل ڪيا، جيڪي هاڻوڪي دؤر ۾ صرف انٽيگرل ڪئلڪيوليس جي مدد سان حل ڪيا وڃن ٿا. هن سورج گهڙين تي پڻ هڪ رسالو لکيو. ابواسحاق ابراهيم بن سنان 35-334ھ/945-946ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]