ابن النديم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابوالفرج محمد بن اسحاق النديم الوراق البغداديءَ 385ھ/995ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڄم جو سن نه ٿو ملي ۽ نه ئي سندس حياتيءَ جو احوال معلوم آهي، پر لفظ ’وراق‘ مان خبر پوي ٿي ته هو ڪتابن جو ڪاروبار ڪندو هو، هن 377ھ/987ع ۾ عربي ڪتابن جي جامع فهرست شايع ڪئي، جيڪا پوءِ ’فهرست ابن النديم‘ يا ’الفهرست‘ جي نالي سان مشهور ٿي. فهرست ۾ اهي سڀ ڪتاب شامل آهن، جيڪي انهيءَ عهد ۾ عربي ٻوليءَ ۾ موجود هئا، يا ٻين ٻولين مان ترجمو ٿي عالم اسلام ۾ شامل ٿي ويا هئا. هن علم جي هر شاخ لاءِ الڳ باب لکيو ۽ ان فن جي مختصر تاريخ بيان ڪرڻ کان پوءِ سڀني مشهور مصنفن ۽ انهن جي تصنيفن کي تاريخ وار ترتيب سان لکيو. ابن النديم ان وقت جي سنڌ جي ماڻهن جي حالت، ثقافتي ۽ سماجي پهلوئن، وڻج واپار ۽ ٻوليءَ لاءِ مستعمل رسم الخط جو به ذڪر ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ لکيو اٿس ته اُن جا تقريباً ٻه سؤ رسم الخط آهن. ’الفهرست‘ چوٿين صدي هجريءَ جي ادبي ۽ علمي ترقيءَ جو مڪمل آئينو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]