ابراهيم دائود ميمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابراهيم دائود گلزار ميمڻ: نامياري سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود ميمڻ 28 مارچ 1912ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي -تعليم- مدرسه تقويت اسلام مان ورتائين. ان کانپوءِ دلاور خان هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. جنهن بعد گهر ۾ تعليم جاري رکيائين ۽ ڪاروبار به ڪندو رهيو. ابراهيم دائود 1928ع ۾ ويراول ۾ هڪ اسلامي انجمن جو اعزازي سيڪريٽري ۽ 1942ع ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪائونسلر چونڊيو ۽ جميعت المسلمين ويراول جو ميمبر پڻ ٿيو. ان کان علاوه ان دؤر ۾ ايجوڪيشنل بورڊ جي ڪنوينر جي حيثيت سان ڪيترائي سال خدمتون سر انجام ڏنائين. هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو حيدرآباد جي ميمڻ برادريءَ جي خدمت ۾ گذاريو. ويراول ۾ پنهنجن ادارن ۾ ”آزاد“ جي نالي سان هٿ سان لکيل رسالو شـايـع ڪـنـدو هـو. هـڪ سـٺو مقرر به هو. هن 22 مئي 1989ع تي [[حيدرآباد وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]