ابجاڻي مسجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مسجد ابجاڻي، تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ واقع هئي. جڏهن 1922ع ڌاري سکر بئراج جي واهن جي کوٽائي شروع ٿي، تڏهن هيءَ مسجد سکر بئراج مان نڪرندڙ نارا ڪئنال جي زد ۾ پئي آئي. انگريز سرڪار هن مسجد کي شهيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو تہ مولانا تاج محمود امروٽي ساٿين سان گڏجي مسجد جي هنڌ پهتو ۽ انگريز سرڪار سان ٽڪر کاڌائين. مولانا جي ڪوششن جي نتيجي ۾ هيءَ مسجد شهيد ٿيڻ کان بچي وئي. هن مسجد جي حفاظت جي سلسلي ۾ مولانا تاج محمد امروٽيءَ هڪ اشتهار بہ ڇپايو هو.[1]

حوالا[سنواريو]