آڪاش انصاري
آڪاش انصاري | |
---|---|
ڏيھي ٻوليءَ ۾ نالو | اللہ بخش ”آڪاش“ انصاري |
ڄم | اللہ بخش انصاري 25 ڊسمبر 1986 بدين، سنڌ |
وفات | 15 فيبروري 2025 (عمر 38 سال) |
قلمي نالو | "آڪاش" |
ڌنڌو | شاعر, ليکڪ |
قوميت | سنڌي |
شهريت | پاڪستاني |
تعليم | ايم. بي. بي. ايس، (ڄامشورو) |
مادرِ علمي | لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو |
صنف | شاعري ۽ ادب |
آڪاش انصاري (Akash Ansari) پورو نالو الهہ بخش ”آڪاش“ انصاري، (جنم 25 ڊسمبر 1956ع وفات 15 فيبروري 2025ع) هڪ سنڌي فزيشن, سنڌي ٻوليءَ جو قومي شاعر, ليکڪ ۽ سياسي سماجي شخصيت هو. بدين لڳ ڳوٺ ’ابل جي وسيءَ‘ ۾ ڄائو. شروعاتي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪيائين، جڏهن تہ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“ ڇهہ ڀيرا ڇپجي ادبي حلقن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چُڪو آهي. سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”اڌورا اڌورا“ عنوان سان چار ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانويت سان گڏ مزاحمت جو رنگ نمايان آهي، خاص طور تي سندس نظم، نوجوانن ۾ انتهائي مقبول آهن. پاڻ صحافت وارو پيشو پڻ اختيار ڪيائين. روزاني ’سوال‘ اخبار جو چيف ايڊيٽر بہ رهيو آهي. ان جي بند ٿيڻ کان پوءِ بدين ۾ ڊاڪٽري ڪرڻ سان گڏ هڪ NGO سان لاڳاپيل رهيو. شاھ لطيف تي چڱي ڄاڻ رکندو هيو ۽ علمي ادبي ميڙ ڪرائڻ جو شوقين هيو. 15 فيبروري 2025ع جي رات سندس گھر ۾ باھ لڳڻ سبب گذاري ويو.[1]
تصنيفون
[سنواريو]- ”ڪيئن رهان جلاوطن“ (شاعري: 2008ع)
- ”اڌورا اڌورا“ (شاعري: 0000ع)
وفات
[سنواريو]15 فيبروري 2025ع جي رات سندس گھر ۾ باھ لڳڻ سبب گذاري ويو.
شاعريءَ جو نمونو
[سنواريو]مان ھليو ڇو ويس؟
[سنواريو]مان ھليو ڇو ويس؟
تون پڇين ٿو پرين!
مان ھليو ڇو ويس؟
جڏھين شام جو جام،
خالي نہ ھو،
رات رم جھم ھُئي،
تنھنجي ساھن جي،
جھيڻن سُرن سان سُتل،
منھنجي بستر تي،
مُنڪر نڪير موسم ھئي.
تنھنجي ڪجلين اکين جي،
ڪنارن مٿي،
منھنجي چپڙن جي ٻيڙي،
لڳي ئي لڳي،
ھا! انھيءَ کان اڳي،
مان ھليو ڇو ويس؟
سچ پڇين او پرين!
دل بہ چاھيو گھڻو،
ڪا گھڙي تنھنجي،
وارن جي ڪارين گھٽائن منجھان،
واس وٺندو رھان!
ٻن گھڙين لئہ سھي،
تنھنجي آغوش جي سانوري شام ۾،
ڪنھن روپوش پياسي مسافر جيان،
مان پناھون وٺان،
کن پل ئي سھي،
ٿڪ ٿورو ڀڃان.
دل تہ چاھيو گھڻو،
تنھنجي نيڻن جون،
نرمل ھي چانڊوڪيون،
سدا مست نيندون نياپا کڻي،
روح جي رڻ مٿان،
ايئن رقصان رھن.
دل تہ چاھيو گھڻو،
تنھنجي ٻانھن جون ڪچڙيون،
۽ ڪومل وليون،
سونھن سرھاڻ جا،
سؤ سنديسا کڻي،
منھنجي تن تي سدا،
ايئن وکريل رھن.
ھا مگر ڇا ڪريون
تنھنجي ڪاڪل جي قيدي،
ٿيڻ کان اڳي،
قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش ھئي پرين!
جيڪا ويئي ڇڪي.
دل تہ ماڻڻ گھُريون،
تنھنجون سڀ دلبريون،
ھا مگر ڇا ڪريون،
دار جي درد کي،
پنھنجي لذت ھئي،
جيڪا ويئي ڇڪي،
تون پڇين ٿو پرين!
مان ھليو ڇو ويس.[2]
------------------------------------------
منھنجو ڪتبو
[سنواريو]ڏسين ٿو قبر تي ڪتبو تہ آئون ڪير آھيان؟
مان پنھنجي سنڌ جي مٽيءَ جو ننڍڙو ڍير آھيان،
مان دين ڌرم جي دوکن کان دور دور رھيس،
مان ماڻھپي جي منزلن ڏي کنيل پير آھيان.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
- ↑ ڪتاب: ڪيئن رهان جلاوطن "سنڌسلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2025-03-22.
- ↑ ڪتاب: ڪيئن رهان جلاوطن "سنڌسلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2025-03-22.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |